ڪيٽي بندر (ن پ ا) سامونڊي پٽي جي علائقن ڳاڙھو، ٻگھاڻ، ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ، دارسي ۽ انڊو جي مختلف شاخن جي پوچڙ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي، ٻن مهينن کان هٿرادو وارابندي سبب ساريال جو ٻيجارو نه پوکجي سگهيو. ان سلسلي ۾ مقامي زميندارن حاجي عبدالرشيد لاشاري، يعقوب سمون، حاجي سمن ڪلمتي، پير غلام علي شاهه، سيد ابو شاهه، محمد عثمان بلوچ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سامونڊي پٽي جي اڪثر شاخن جي پوچڙ ۾ آبپاشي کاتي هٿرادو وارابندي بهاني پاڻي جو بحران پيدا ڪري ڇڏيو آهي. پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب هاڻي انسان توڙي جانورن پاڻيءَ ڦڙي لاءِ تڙپي رهيا آهن رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ به اسان جو پيئڻ جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي. پاڻي اڻاٺ سبب فصل تباهه ٿي ويا آهن. ساريال جو ٻيجارو به پوکجي نه سگهيو آهي. متاثر زميندارن دانھيندي چيو ته آبپاشي کاتو منڍ جي بااثر ماڻهن کي پاڻي وڪرو ڪري رهيو آهي. ھنن تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ آبپاشي کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي اڏيرو برانچ جي مختلف شاخن جھالو، ڳاڙھو، دارسي، گھوڙا ٻاري، ڳاڙهو سميت مختلف شاخن جي پوچڙ ۾ پاڻي جي کوٽ فوري طور ختم ڪئي وڃي.