قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ ٻرڙا ڪالوني جي رهواسي پورهيت سعيد گوپانگ پنهنجي پيرسن سس مسمات لطيفان ۽ معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن الزام هنيو ته 3 ڏينهن اڳ باگوديرو محلي واسي سجاد گوپانگ ھٿياربند ساڻ ڪري زبردستي گهر ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد 16 لک رپيا روڪ رقم کڻي منهنجي نوجوان زال بلقيسا کي اغوا ڪري ويو آهي. هن مطالبو ڪيو ته بااثر خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.