مٺياڻي (ن پ ا) مٺياڻي ۾ ايس ايچ او مٺياڻي پاران وچ شهر ۾ رڪشا ڊرائيور تي مبينا تشدد، رڪشا ڊرائيور ثاقب مشوري، عاقب مشوري، الطاف حسين مشوري ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان غريب پورهيت آهيون اسان مٺياڻي شهر ۾ رڪشا هلائي پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پاليون ٿا پر ايس ايچ او مٺياڻي اسان کي لاڪ ڊائون جو بهانو بڻائي بلاجواز شهر ۾ اچڻ تي سخت تشدد جو نشانو بڻائي شهر مان نيڪالي ڏئي اسان کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي جيڪا اسان پوهيتن سان سراسر ناانصافي آهي. هنن ايس پي نوشهروفيروز ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي اسان سان ٿيندڙ ظلم جو ازالو ڪري انصاف ڪيو وڃي.