اچ ۽ گهٽين ۾ خون ڏس…!

0
207
پنج جولاءِ - ڇا جمهوري جدوجهد ناڪام رهي آهي؟

پاڪستان جي طاقتور ڌرين طرفان پابندي پيل تحريڪ طالبان پاڪستان ( ٽي ٽي پي) کي عام معافي ڏيڻ جي آڇ ڪئي پئي وڃي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪجهه ڏينهن اڳ غير ملڪي رسالي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ٽي ٽي پي  جا ماڻهو “تشدد” کي  ترڪ ڪن ۽ پاڪستان جي آئين کي تسليم ڪن ته پاڪستان کين معاف ڪري سگهي ٿو. ساڳي ئي قسم جي هڪ ڳالهه صدر عارف علوي به ڪجهه ڏينهن اڳ ڪئي هئي ته ٽي ٽي پي جا ماڻهو جيڪڏهن  “ڏوهاري سرگرمين” ۾ ملوث نه ٿين ته کين  معافي ڏئي سگهجي ٿي، انهي آڇ جو ٽي ٽي پي اڃان تائين جواب ڏيڻ مناسب ناهي سمجهو .

                  افغانستان مان آمريڪا ۽ ان جي اتحادي  ملڪن جي فوجين جي نڪرڻ ۽ ڪابل تي افغان  طالبان  جي ڊرامائي قبضي  کانپوءِ دنيا لاءِ اها سڀني کان وڏي اڇنڀي واري خبر آهي ته پاڪستان طرفان ٽي ٽي پي کي عام معافي ڏيڻ  جي آڇ ڪئي وئي آهي.  ٽي ٽي پي اها تنظيم آهي جنهن پاڪستان ۾ دهشتگردي جون اڻ ڳڻيون ڪارروايون ڪري هزارين پاڪستانين جو قتل عام ڪيو، پر 16 ڊسمبر 2014 ع تي آرمي پبلڪ اسڪول پشاور تي انهي جي حملي ۾ 132 معصوم ٻارڙن سميت 145 ماڻهن جي بيرحماڻي شهادت کانپوءِ پاڪستان جي فوجي ۽ سياسي قيادت انهن خلاف نيشنل ايڪشن پلان پڌرو ڪيو هو ۽ سڄي قوم هڪ آواز ٿي ٽي ٽي پي جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو هو.  گذريل ست سالن کان دهشتگردي جي خلاف پاڪستاني قوم جي جنگ ڇا اڃان به جاري آهي يا ختم ٿي وئي آهي؟ ڪنهن ڌر طرفان انهي سوال جو جواب هن وقت تائين ناهي ڏنو ويو.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته افغان طالبان افغانستان جي حڪومت سنڀالڻ  کانپوءِ اعلان ڪيو آهي ته جنگ ختم ٿي وئي آهي تنهن ڪري ٽي ٽي پي  يعني تحريڪ طالبان پاڪستان کي به انهن جي پيروي  ڪندي تشدد ۽ جنگ جي پاليسي ترڪ  ڪرڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي کان اهو پڇڻ گهرجي ته افغان طالبان “فتح” کانپوءِ جنگندي جو اعلان ڪيو آهي،  پاڪستاني طالبان افغان طالبان جي پيروي يا تقليد ڪندا ته ڇا هو “فتح” کان گهٽ تي راضي ٿي سگهندا ؟

انهن کي هن “ نيو گريٽ گيم” جي خبر آهي جنهن ۾ افغان طالبان کي “فتح” ڏياري وئي آهي،انهي نيو گريٽ گيم ۾ پاڪستاني طالبان کي خبر آهي ته انهن جو ڪردار تمام گهڻو وڌي ويو آهي.

 هونئن  ته دنيا۾ دهشتگرد گروهن کي عام معافي ڏيڻ جو تجربو ڪٿي به ڪامياب نه ٿيو آهي. 2013ع  ۾ نائيجيريا ۾ طالبان کانپوءِ دنيا جي ٻيو نمبر وڏي دهشتگرد تنظيم “بوڪو حرام” کي عام معافي ڏيڻ تي غور ڪيو ويو هو پر انهي ۾ ڪيتريون ئي ڏکيايون آيون. مثال جڏهن اهو سوچيو ويو ته سڄي تنظيم نه بلڪه ڪجهه ماڻهن کي عام معافي ڏني وڃي جيڪي هٿيارڦٽي ڪن ۽ معافي ڏيڻ کانپوءِ انهن جي بحالي لاءِ  به انتظام ڪيا وڃن ته اهو مسئلو سامهون آيو ته انفرادي معافي  سان تنظيم کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي ۽ هٿيار ڦٽي  ڪندڙ ماڻهن جي بحالي ۽ روزگار لاءِ وسيلا ڪٿان ايندا ؟

نائيجيريا ۾ تمام  گهڻي بيروزگاري  آهي،روزگارحاصل ڪرڻ لاءِ سڄي نائيجيريا جا نوجوان “بوڪو حرام” جا پاڻمرادو ميمبر ٿي ويندا ته جيئن هٿيار ڦٽي ڪرڻ جو ڊرامو ڪري روزگار حاصل ڪري سگهن.

انهي دوران اها حقيقت به سامهون آئي ته بي روزگاري سبب نوجوانن جو وڏو تعداد بوڪو حرام ۾ شموليت اختيار ڪري رهيو آهي. فيصلو اهو ڪيو ويو ته انهي دهشتگرد تنظيم کي معافي ڏيڻ بدران انهي خلاف جنگ جاري رکي وڃي،  جيڪا اڄ تائين جاري آهي. نائيجيريا جي حڪومت طرفان  رڳو معافي ڏيڻ جي آڇ سان ئي بوڪو حرام وڌيڪ مضبوط ٿي وئي.

 نائن اليون کانپوءِ فرانس سميت يورپ  جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ انتهاپسندي جي لاڙن جي خاتمي “ڊي ريڊي ڪلائزيشن”(Deradicalization) جو پرگرام شروع ڪيو ويو جيڪو هر هنڌ ناڪام ٿيو  ۽ انهن ملڪن ۾ انتهاپسندي جون ڪارروايون پهرين کان وڌي ويون.

جنرل مشرف جي دور ۾ “اين آر او” ڏنو ويو هو. انهي ۾ پيپلز پارٽي جي قيادت خلاف رڳو  ڪجهه ڪيس ختم ڪيا ويا هئا، مگر متحده قومي موومينٽ ( ايم ڪيو ايم)  کي انهي اين آر او جو سڀني  کان گهڻو فائدو پهتو هو. ايم ڪيو ايم جي هزارين ڪارڪنن خلاف دهشتگردي قتل عام ۽ رتو ڇاڻ جا هزارين ڪيس ختم ڪيا ويا. دنيا ۾ ڪنهن انتهاپسند تنظيم کي ايڏي وڏي پئماني تي عام معافي ڏيڻ جو اهو پهريون ۽ آخري مثال آهي،ڪراچي ۾ نام نهاد آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾ “امن ڪميٽي” جي نالي تي بلوچن، طالبان نالي تي پٺاڻن ۽ سنڌو ديش جي نالي تي سنڌين کي سڀ کان وڌيڪ نشانو بڻايو ويو ۽ پوءِ ڪراچي ۾ امن قائم ٿي ويو، ڄڻ  ته اهي ئي ماڻهو ڪراچي جو امن خراب ڪيو ويٺا هئا.

 اهڙي طرح جو معاملو شايد ٽي ٽي پي سان نه ٿئي. ان جا معاملا عالمي طاقتن سان آهن. آمريڪا ۽ انهي جا اتحادي چين خلاف کليل نموني محاذ  جوڙي رهيا آهن، جنهن ۾ ڀارت ۽ آسٽريليا به شامل ٿي ويا آهن. چين جي  ڪوششن سان توڙي جو شنگهائي تعاون تنظيم  هن خطي کي عدم استحڪام  کان بچائڻ  جي ڪوشش ڪري رهي آهي  پر ڪاٺوس حڪمت عملي نه پئي  ٺهي، سي پيڪ منصوبي کي ناڪام ڪرڻ لاءِ ٽي ٽي پي سان گڏ داعش ۽ القاعده جو ڪردار ويتر وڌي ويو آهي.

 افغانستان مان نڪرڻ سان گڏ ئي نيو گريٽ گيم شروع ٿي وئي آهي، ٽي ٽي پي افغان طالبان جي “فتح” کانپوءِ پنهنجو عالمي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ وڌيڪ پر اعتماد آهي.  اهو ته سٺو ٿيو  جو ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه  سي پيڪ اٿارٽي جي سربراهي جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ته جيئن سي پيڪ منصوبي جي ناڪامي جي ذميواري ان تي يا انهي جي ڪري فوج تي نه وجهي سگهجي، هو گريٽ گيم کي شايد سمجهي چڪو آهي. سي پيڪ اٿارٽي جو نئون سربراهه خالد منصور اهو اعتراف ڪندي ٿورو به نه هٻڪيو ته چين جون ڪمپنيون سي پيڪ  منصوبي تي ڪم جي رفتار مان مطمئن  نه آهن. چين جي حڪومت به پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ چيني  ماڻهن جي  سيڪيورٽي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪري رهي آهي.   چين جي حڪومت جيتوڻيڪ طالبان جي  نئين افغان حڪومت جي باري ۾ نرم گوشو رکي ٿي ته جيئن سي پيڪ خلاف آمريڪا جي ارادن کي پورو ٿيڻ نه ڏنو وڃي ۽ خطي  ۾ امن هجي، پر چين کي انهي جي باوجود شديد خدشا آهن.

پاڪساني طالبان جيڪڏهن دهشتگردي جون ڪارروايون نه ٿا ڪن ۽ پاڪستان جي آئين کي تسليم ڪري ٿا وٺن ته هر شيءَ  کي پوئتي موٽ کائڻي پوندي. طالبان جو خوف ختم ٿيندي ئي  پاڪسان ۾ حقيقي جمهوري قوتون مضبوط ٿينديون ۽ هاڻوڪي سياسي سيٽ اپ کي اڳتي وڌائڻ مشڪل ٿي ويندو.   بدامني ۽ عدم استحڪام جي بنياد تي  ٺاهيل رياست پاڪستان جي “ ڊاڪٽرائن” يعني  نظريئي جو خاتمو ٿي ويندو،  پاڪستان جي سيڪيورٽي اسٽيٽ واري حيثيت نه رهندي  ۽ 1947ع کان هن وقت تائين جيڪو ڪجهه ٿيو انهي کي ختم (Undo) ڪرڻو پوندو نه ته اهو ممڪن آهي ۽ نه ئي طالبان ايئن ڪندا. معافي ڏيڻ جي آڇ نه رڳو اسان جي ڪمزوري کي ظاهر ڪري رهي آهي بلڪه طالبان جي نظام لاءِ واٽ  سڌي ٿي رهي آهي. انهي موقعي تي پبلو نرودا جي نظم “مان ڪجهه شين جي وضاحت ڪري رهيو آهي،” جون آخري سٽون ياد اچي رهيون آهن.

“ ۽ تون پڇندين ته منهنجي شاعري  خوابن جون  ڳالهيون ڇو نه ٿي ڪري ۽ منهنجي ڌرتي تي وڏا وڏا  ٻرندڙ جبل ڇو ڦاڙيندي آهي، اچ ۽ گهٽين ۾ خون   ڏس، اچ ۽ گهٽين ۾ خون ڏس ، اچ ۽ گهٽين ۾ خون ڏس.”