جي ڊي اي سندرو ٻڌي رهيو آهي

0
250

 حرن جي روحاني پيشوا ۽ مسلم ليگ فنڪشنل جي اڳواڻ پير صبغت الله شاهه چيو آهي ته فضل الرحمان رابطي ۾ آهي، انهي جي جماعت سان سيٽ ايڊجسمينٽ ڪنداسين، هن جو چوڻ هو ته ضلعي سطح تي جي ڊي اي کي فعال ڪنداسين. پير پاڳاري جي صدارت ۾ سومر ڏينهن جي ڊي اي جو اجلاس ڪنگري هائوس ڪراچي ۾ ٿيو، جنهن  ۾ جي ڊي اي کي ضلعي سطح تي وڌيڪ فعال ڪرڻ، صوبي ۾ جلسا،  ڪارنر گڏجاڻيون ڪرڻ ۽ هم خيال سياسي دوستن کي گڏائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ پير پاڳاري چيو ته  جي ڊي اي کي سنڌ ۾ فعال ڪيو ويندو، انهي لاءِ مولانا فضل الرحمان سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هو به اسان سان گڏ آهي، جي يو آءِ سان سيٽ ايڊجسمينٽ به ڪنداسين. هن جو چوڻ  هو ته جي ڊي اي اليڪشن لاءِ ٺاهيو ويو هو ۽ اڃان  به قائم آهي ۽ انهي کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين.  هن جي ڊي اي ۾ شامل سياستدانن کي چيو ته اوهان جڏهن چاهيندو ته جي ڊي اي کي ختم ڪرڻ گهرجي ته مان انهي کي ختم ڪري مسلم ليگ فنڪشنل کي ميدان ۾ کڻي ايندس. مونکي ڪو فائدو نقصان ناهي، اسان ته دوستن لاءِ گڏجي هلي رهيا آهيون جيڪڏهن گڏ نه هلنداسين ته گدڙ ۽ لومڙ انهن کي ڪچو کائي ڇڏيندا.  پير پاڳاري جي پيروي ڪندڙ مريدن جي وڏي تعداد جي پيش نظر انهن جي بظاهر مضبوط سياسي حيثيت نظر اچي ٿي پر تنهن هوندي به گذريل  عام چونڊن ۽ ضمني چونڊن ۾ جي ڊي اي جا اميدوار ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا هئا.  سنڌ ۾ فنڪشنل ليگ جو سربراهه ان جو ننڍو  ڀاءُ صدر الدين راشدي آهي، هو گذريل عام چونڊن  ۾ پنهنجي مضبوط سيٽ تي شڪست کائي چڪو آهي، انهي کانپوءِ انهي جون سياسي سرگرميون نه هئڻ برابر  آهن. سال ۾  هڪ  ڀيروئي هو پنهنجي عقيدتمندن ، حامين ۽ دوست ساٿين جو ڪو ميڙاڪو ڪري سگهندو آهي ته جيئن ان سان لاڳاپيل ماڻهو متحرڪ سرگرم رهن. بدين يا ٻين علائقن ۾ ٿيل ضمني چونڊن  جي نتيجن مان ته اهو ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ پيپلز پارٽي جي “جاگير” بڻجي چڪي آهي يا بڻائي وئي آهي. ٿرپارڪر ۽ عمر ڪوٽ ۾ ٿيل ضمني چونڊن ۾ جي ڊي اي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو. 2018ع  جي عام چونڊن کانپوءِ ٽيون ڀيرو قائم ٿيل پيپلز پارٽي  جي حڪومت حڪمراني جي معاملي کي اهڙي خوبصورتي،عقلمندي ۽ سياسي گهرجن سان پنهنجي قابو ۾ رکيو آهي، جو ايئن ٿو لڳي ته انهي  جي سياسي مخالفن به ان لاءِ ميدان خالي ڇڏي ڏنو آهي. خاص ڪري جي ڊي اي  جيڪا هڪ سياسي قوت ته آهي،سبب ڪهڙو به ڇو نه ٻڌايو وڃي پر حقيقت جي ويجهو ترين ڳالهه اها آهي ته ميدان مان ٻاهر رهي ڪجهه به حاصل نه ٿو ڪري سگهجي. اجلاس جي باري ۾ جيڪو ڪجهه اخبارن ۾ ڇپيو آهي انهي کي پڙهي خيال پيدا ٿئي ٿو ته  پير پاڳارو جي ڊي اي جي ٻيهر صفبندي ڪرڻ گهري ٿو، جيئن چيو ويو ته  ضلعي سطح تي جي ڊي اي کي سرگرم ڪيو ويندو.  پيرپاڳاري ۽ انهي جي ڀاءُ صدرالدين راشدي کي پاڻ ميدان اچڻو پوندو. ضلعي ضلعي، شهر شهر انهن کي وڃڻو  پوندو ته پوءِ ئي ماڻهن کي متحرڪ ڪري سگهبو.

پير پاڳاري فضل الرحمان جي پارٽي سان سيٽن جي ايڊجسٽمنيٽ جي ڳالهه ڪئي آهي، جي يو آءِ جا هر شهر ۾ حامي موجود آهن پر لاڙڪاڻي ۾ انهن جي پوزيشن گهڻي مضبوط  آهي. جيڪڏهن جي يو آءِ  کي لاڙڪاڻي ۾ بامقصد  مدد  ملي وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ   بلاول ۽ فريال ٽالپر جي  سيٽن تي انهي جي اميدوارن  جي ڪاميابي  نظر اچي ٿي. جي ڊي اي کي ٻين شهرن ۾ جي يو آءِ جي طاقت ملي وڃي ته ڪيترن سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي، پر جي يو آءِ ۽ جي ڊي اي  اڪيلي سر ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن. جي يو آءِ ۽ جي ڊي اي سان لاڳاپيل ماڻهو انفرادي فائدي جي محدود سوچ رکن ٿا، پيپلز پارٽي جا اميدوار پنهنجي سيٽ کٽڻ لاءِ جان جي بازي لڳائي ڇڏيندا آهن، اهڙو زور پارٽي جا مخالف نه لڳائيندا آهن. هالا ۾ ڪاروباري شخصيت عبدالرزاق ميمڻ مخدوم امين  فهيم جي مقابلي ۾ 2103ع  جي چونڊن ۾ جان جي بازي لڳائي هئي، کيس جيڪي ووٽ مليا هالاجي تاريخ ۾ مخدومن جي ڪنهن مخالف اميدوار ڪڏهن حاصل نه ڪيا هئا. اهو ته مخدوم امين فهيم جي عزت سادات بچائڻ  لاءِ اڻ ڏٺي طاقت ميدان ۾ اچي وئي هئي،  جنهن اليڪشن ٽربيونل کي مجبور ڪيو ته فيصلو مخدوم جي حق ۾ ڏنو وڃي، مخدوم اهڙي طرح ٽيڪنيڪل  بنياد  تي ڪامياب ٿيو نه ته ان جو سياسي مستقبل ئي ختم  ٿي ويو هو.

سياسي مبصر عام طور تي هڪ ئي ڳالهه ڪندا آهن ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي چونڊ سياست  ۾ ناڪام ڪرڻ ڏکيو ڪم هوندو، انهي جو سبب  اهو قرار ڏنو ويندو آهي ته پارٽي جا سياسي مخالف سياسي سرگرمين کان اڻڄاڻ نظر ايندا آهن ۽ انهن جي تربيت به نظرنه ايندي آهي، انهي ڪري انهي جي سياسي مخالفن به پنهنجي ليکي طئي ڪري ڇڏيو آهي ته انهن  کي ڪم ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ جي ڊي اي هجي يا جميعت علماءِ اسلام  يا پي ٽي آءِ اهي ضرورت جي وقت  عوام ۾ ويندا آهن، ضرورت جو اهو وقت عام طور تي چونڊون هوندو آهي.  ايئن ڇو ته ممڪن ٿيندو ته ماڻهو پاڻمرادو متحرڪ ٿي قطارون ڪري جي ڊي اي جي اميدوار کي ووٽ ڏين، پيپلز پارٽي ته اميدوار ئي اهڙا نامزد ڪندي آهي، جيڪي پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي ڀاڙيندا آهن، انهن اميدوارن جي پوزيشن  انهن جي مخالف اميدوارن جي مقابلي ۾ انهي لاءِ بهتر هوندي آهي، جو هو سر تري تي رکڻ سان گڏ پئسا به پاڻ وانگر  وهائينداآهن،  ڪارڪنن کي پئسا ڏيڻ، ووٽرن کي پئسا ڏيڻ، ووٽرن کي گهرن مان پولنگ اسٽيشن تائين آڻڻ ۽ واپس وٺي وڃڻ وغيره شامل آهي.  جڏهن ته جي ڊي اي  ۽ ٻين جماعتن جا اميدوار اميدن تي جيئن ٿا، گذريل عام چونڊن ۾ به انهن سان ايئن  ئي ٿيو  ته انهن جون اميدون  پوريون ٿي نه سگهيون هيون.

اهو ته ضلعي بدين مان ذوالفقار مرزا جي شڪست باوجود سندس گهرواري ڊاڪٽر فهميده مرزا چونڊجي وئي هئي،   جنهن جي ڪري کيس وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ جو موقعو  ملي ويو هو پر انهن پنهنجي انهي حيثيت جو به سياسي فائدو نه ورتو ته  پنهنجي ضلعي، صوبي ۾ ئي جي ڊي اي  کي منظم  ڪرڻ جو ڪم ڪري ها. ضمني چونڊن ۾  پنهنجي پارٽي جي اميدوارن جي  حق ۾ عام راءِ  ٺاهي ها، هو ته پنهنجي ووٽرن سان به نه ٿي ملي. انهي جو پٽ حسنين مرزا به صوبائي اسميبلي  لاءِ چونڊيو  آهي پر هو به ايئن لڳي ٿو ته پنهنجي مضبوط  سياسي مستقبل  ۾ دلچسپي نه ٿو رکي،  خود ذوالفقار مرزا پنهنجي  ساٿين، حامين ۽ جي ڊي اي يا پيپلز پارٽي  جي مخالفت ۾ چونڊ  وڙهڻ وارن جي  ڪنهن  طريقي سان به پٺڀرائي  نه ٿو ڪري. سياست ڪرڻ وارن جي وڏي  اڪثريت ڪنهن ڳجهي  مدد تي ڀاڙيندي آهي جيڪا  کين ڪامياب ڪرائي سگهي.

جيڪڏهن  جي ڊي اي  هن وقت ڏسڻ ۾ اڪيلي  طاقت آهي جيڪا پيپلز پارٽي جي نامزد اميدوارن جو مقابلو ڪري سگهي ٿي  پر انهي لاءِ  جي ڊي اي ۾ جيڪي ماڻهو به شامل آهن ، انهن کي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو،  انهن کي  پنهنجي پنهنجي شهرن ۾ حامين ۽ پيپلز پارٽي مخالف قوتن کي متحرڪ ڪرڻو پوندو، انهي کي پنهنجي امڪاني اميدوارن ۽ عام ماڻهن کي ٻڌائڻو پوندو ته سنڌ ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ يا ڪرپشن جي زباني شڪايت ڪرڻ بدران عملي طور سرگرم ٿيڻو پوندو ته جيئن پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي مقابلي ۾ ميدان ۾ پنهنجا پير پختا ڪرڻ لاءِ پوزيشن حاصل ڪري سگهن.