ايٽمي ملڪ هئڻ باوجود گري ۽ بليڪ لسٽن جي چڪر ۾ خوار آهيون: آفريدي

0
310
خواهش آهي ته مدو پورو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ آل رائونڊر شاهد خان آفريدي چيو آهي ته اسان ايٽمي ملڪ آهيون ۽ اڃا تائين اهو ئي گري لسٽ، بليڪ لسٽ جي چڪرن ۾ خوار ٿي رهيا آهيون

سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي شاهد آفريدي چيو ته فنانسل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) جي طئي ڪيل اقتصادي معيارن جو مڪمل ٿيڻ تمام وڏي ڪاميابي آهي. فيٽف جي طئي ڪيل معيار تي پورو لهڻ کانپوءِ اميد آهي ته عوام مٿان بار گهٽجندو

 اڳوڻي آل رائونڊر وڌيڪ چيو ته پاڪستان هڪ ايٽمي ملڪ آهي ۽ اسان اڃا تائين اهو ئي گري لسٽ، بليڪ لسٽ جي چڪرن ۾ خوار ٿي رهيا آهيون.ڌ