ميھڙ (ن پ ا)ميھڙ ڀرسان اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ لونگ تنيو جي لاڙي وٽان ڳوٺاڻي جبار تنيو جي  ٽريڪٽر ۽ مزدورن کان مبينه ڦر جي الزم هيٺ ڳوٺاڻن پاران 3 مبينه ڦورن کي سوگهو ڪري ورتو آھي جتي سندن سڃاڻپ اعجاز سولنگي صدام سولنگي وھاب سولنگي طور ٿي آھي جڏهن ته ڦر دوران هڪ ڳوٺاڻو بچل تنيو زخمي ٿي پيو آھي جنھن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي ڳوٺاڻن پاران سوگها ڪيل جوابدارن کي ميهڙ پوليس حوالي ڪيو ويو آھي پوليس جوابدارن وٽان هڪ عدد ڪلاشنڪوف ۔ هڪ پسٽل هڪ عدد ڏنڊو ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي آھي پوليس گرفتار جوابدارن کي  جانچ لاء نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي آخري اطلاع تائين ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي ۽ نه ئي پوليس جوابدارن جي گرفتاري ظاھر ڪئي آھي.