اين اي 249جي ننڍي چونڊ نتيجن بعد پ پ ۽ ن ليگ آمهون سامهون

0
286

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اين اي 249جي ننڍي چونڊ نتيجن بعد پ پ ۽ ن ليگ اڳواڻ آمهون سامهون ٿي ويا آهن، ن ليگ پاران نتيجن کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، مريم نواز جو چوڻ آهي ته اين اي 249 ۾ ن ليگ جو اليڪشن چوري ڪيو ويو آهي، عملو ايتري دير سان پهتو؟ اسان کي به بي وقوف سمجهو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن کي تڪراري ترين اليڪشن جو نتيجو روڪڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن نتيجو نه روڪيو ته اها ڪاميابي عارضي هوندي، مريم نواز چيو ته ووٽ کي عزت ملي رهي آهي ۽ ملندي رهندي، اها سيٽ جلد واپس ن ليگ وٽ ايندي، ٻئي پاسي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جو چوڻ آهي ته ن ليگ سمورا الزام اليڪشن ڪميشن تي وجهي ڇڏي ٿي، ن ليگ جتان هاريندي آهي اتي انهن جو ايجنٽ نتيجا کڻي گم ٿي ويندو آهي، ن ليگ ڊسڪا ۾ به اهو ئي ڪيو، ن ليگ شايد وساري ڇڏيو آهي ته هن ڀيري انهن جو مقابلو حقيقي جمهوري پارٽي سان هو.