عمران خان کي بدترين حڪمران طور ياد رکيو ويندو: بلاول ڀٽو زرداري

0
320

ڪراچي (رپورٽر) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان کي هڪ اهڙي بدترين حڪمران جي طور ياد رکيو ويندو جنهن ڪرپشن کي هٿي ڏني، بلاول ڀٽو زرداري عمران خان ايمنسٽي انٽرنيشنل جي پورٽس ڏيکاريندي سڀني کي ڪرپٽ چوندو هو ۽ اڄ اهو ئي ادارو چوي پيو ته پي ٽي آءِ حڪومت سڀ کان وڌيڪ ڦر لٽ ڪئي آهي، بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته شروع ۾ ئي حڪومت کي ٻڌايو ويو ته نيب ۽ معيشت گڏ نٿا هلي سگهن پر عمران خان نه مڃيو ۽ ملڪي معيشت تباهه ٿي وئي، عمران خان کي هڪ اهڙي حڪمران طور ياد رکيو ويندو جنهن احتساب جو نعرو هڻي ڪرپشن کي هٿ ڏني.