ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه هفتا خطرناڪ آهن: اسد عمر

0
294
عمران خان پاڪستان جي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا وبا سبب ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه هفتا خطرناڪ آهن، ان لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي، جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ اسد عمر چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا جي 5هزار 360 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، آڪسيجن تي ويندڙ مريضن جو انگ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 57سيڪڙو وڌيڪ آهي، اسد عمر چيو ته الحمد الله ڪورونا مريضن جو انگ في الحال بهتر حڪمت عملي سبب ڪنٽرول ۾ آهي، ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي، الله اسان کي بچائي رکندو.