شهر ۾ واڳون اچڻ سبب شهرين جون ڊوڙون لڳي ويون

0
537

رياض (دلچسپ نيوز) شهر ۾ واڳون اچڻ سبب شهرين جون ڊوڙون لڳي ويون. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سعودي شهر الهديا ۾ اوچتو هڪ واڳون روڊ تي نڪري آيو، واڳون وچ روڊ تي ڏسي شهرين ۾ خوف ۽ هراس ڦهلجي ويو، جنهن بعد فوري طور وائلڊ لائيف کاتي ۽ پاڻي ۽ بجلي وارن عملدارن کي اطلاع ڪيو ويو. اطلاع تي پاڻي ۽ بجلي جي عملدارن پهچي واڳون کي پڪڙيو، جنهن بعد وائلڊ لائيف کاتي جي ٽيم پچڻ تي واڳو سندن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف واڳون جي شهري آبادي ۾ داخل ٿيڻ بابت جاچ شروع ٿي وئي آهي واضح رهي ته رياض ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ئي شينهن جي حملي ۾ مالڪ مارجي ويو هو جڏهن ته سعودي عرب ۾ خوفناڪ جانور پالڻ تي پابندي لاڳو ٿيل آهي. ان حوالي سان شهرين جو چوڻ آهي ته خوفناڪ جانور پالڻ سبب اهڙا واقعا پيش اچي رهيا آهن، حڪومت کي فوري طور سخت قدم کڻڻ گهرجي.