ايم ڪيو ايم وڏي سُر ۾ احتجاج ڇو ڪيو؟

0
407
ايم ڪيو ايم وڏي سُر ۾ احتجاج ڇو ڪيو؟

 ڪراچي شهر ۾ والار جي جنگ ۽ ڊوڙ ڊڪ رواجي ڳالهه آهي. هي سون ورني ڌرتي بڻيل آهي. بندرگاهه واري شهر سان گڏ صنعتي ۽ ڪاروباري حب به آهي. وڏي ڳالهه اها آهي ته هڪ ئي هنڌ ماڻهن جي ايڏي وڏي تعداد ۾ موجودگي آهي جنهن سبب کاڌي پيتي کان وٺي عام استعمال تائين جي شين توڙي ٻين اسمن جي هڪ وڏي مارڪيٽ آهي. هتي ننڍي ۾ننڍو ڪاروبار به وڏو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڏيهه توڙي پرڏيهه جي عام ماڻهو توڙي خاص ماڻهو کي به هي شهر ڌنڌي ڌاڙي ۽ روزگار لاءِ پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو. هي هڪ اهڙو معاشيات جو عمل آهي جنهن کي روڪي نه ٿو سگهجي. هتي هرڪو ماڻهو زمين تي،ڪاروبار ۾، معيشت توڙي روزگار ۾ سماجي توڙي دانشوري ۽ سياسي حوالي سان پنهنجي جاءِ ٺاهڻ چاهي ٿو. جاءِ ڳولڻ چاهي ٿو. پاڪستان ۾ شايد اڪيلو شهر جتي سرمائيداري  پنهنجي اگهاڙي روپ ۾ کلي اچي ٿي.

   مٿي ڄاڻايل ڳالهين جي ڪري پنهنجن توڙي پراون جي ڪراچي تي اک آهي ساڳئي وقت ڪراچي سڀني کي اک ۾ آهي. هتي هرڪا ڌر پنهنجي بالادستي چاهي ٿي. اها ويڙهه اوڏي مهل بنهه ڇتي ٿي وڃي ٿي جڏهن ڪو معاشي، سماجي يا سياسي موقعو نڪرندو آهي. ڪراچي ۾ جڏهن به ڪا اٿل پٿل ٿي آهي ته ان جي پويان ڪو معاشي يا سياسي موقعو ۽ محرڪ هوندو آهي.

گذريل مهيني کن کان ڪراچي ۾ هڪ دفعو وري سياسيي چرپر تيز ٿي وئي آهي. سبب اهو آهي جو ايندڙ چند مهينن ۾ رڳو ڪراچي ۾ نه پر سموري سنڌ ۾ مڪاني ادارن جون چونڊون ٿيڻيون آهن. اهي چونڊون ڪو پنهنجي معمول مطابق نه پيون ٿين بلڪه عدالت جي آرڊر تي ٿي رهيون آهن ڇاڪاڻ جو گذريل ڀيري وارن مڪاني ادارن جي چونڊيل عيوضين جو مدو گهڻو اڳ ختم ٿي چڪو آهي. خيال آهي ته جون تائين چونڊون ٿي وڃن. هنن چونڊن کان اڳ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت مڪاني ادارن جي قانون ۾ تبديلي آندي آهي. جنهن ۾ وڏن شهرن کان وٺي هيٺين سطح تائين ادارن جي جوڙجڪ، انهن جي حدن ۽ اختيارن جي تبديلي آندي آهي. ان تبديلي کي سنڌ جي باقي علائقن ۾ محسوس ئي نه ڪيو پيو وڃي. بلڪه رڳو ڪراچي ۾ محسوس ڪيو پيو وڃي جيڪو هاڻي تاءُ جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي.

جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم، تحريڪ انصاف، پاڪ سرزمين پارٽي لڳاتار احتجاج ۾ آهن. اربع ڏينهن چيف منسٽر هائوس آڏو ايم ڪيو ايم اوچتو ڌرڻو هنيو. حڪومت جو چوڻ آهي ته پروگرام موجب ايم ڪيو ايم کي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ۽ ڌرڻو ڏيڻو هو، چيف منسٽر هائوس ڏي خير هونئن به ڪنهن مظاهري ڪرڻ واري کي وڃڻ نه ڏنو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته انهي ڪوشش ۾ ڪيترائي ڀيرا مختلف کاتن جا سرڪاري ملازم پنهنجي پگهارن وڌائڻ ۽ نوڪريون پڪيون ڪرڻ جي لاءِ لٺيون کائي چڪا آهن. ڪراچي پريس ڪلب ۽ هاڻي سنڌ اسيمبلي احتجاج لاءِ کليل آهن. هينئر چيف منسٽر هائوس وارو علائقو هونئن به حساس بڻيل آهي جو اتي ٻه فائيو اسٽار هوٽلون آهن ۽ اتي پي ايس ايل ڪرڪيٽ جي مقابلن ۾ شرڪت لاءِ ڏيهي توڙي پرڏيهي مهمان ۽ رانديگر ٽڪيل آهن. اهي ميچون جڏهن شروع ٿيڻ واريون هيون ان موقعي تي اهڙو مظاهرو واقعي اڻ وڻندڙ لڳي ٿو. وري جيڪڏهن وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي بيان کي ڏسجي جنهن ۾ هو چوي ٿو ته ايندڙ ٻن مهينن ۾ ملڪ اندر دهشتگردي جو خطرو آهي.

سو ڳالهه هئي مڪاني ادارن توڙي قانون خلاف احتجاج جي. جماعت اسلامي لڳاتار چئن هفتن کان شهر جي مختلف علائقن ۾ احتجاج سان گڏ سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻي ويٺي آهي. ايم ڪيو ايم ۽ پاڪ سرزمين پارٽي ان روڊن واري احتجاج ۾ پوءِ شروع ٿيون آهن.

جماعت اسلامي جو خيال آهي ته گذريل عام چونڊن ۾ تحريڪ انصاف  ڪراچي مان سيٽون وٺڻ جي باوجود اها سنڌ جي گادي واري شهر ۾ نه پنهنجون پاڙون هڻي سگهي آهي ۽ نه وري ڪو شهر کي ڪو فائدو ڏيئي سگهي آهي. عام ووٽر جو حڪمران جماعت تحريڪ انصاف ڏي ڪهڙو رويو آهي؟ ان جو اندازو ٻن هنڌن تي ٿيل ننڍي چونڊ مان لڳائي سگهجي ٿو. تحريڪ انصاف  ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي سياسي پارٽي بدران پريشر گروپ طور ڪم ڪري رهي آهي. اهڙو پريشر گروپ جنهن جو باضابطا تنظيمي محور اسلام آباد آهي، پر بيٺو ڪراچي ۾ آهي، جيڪڏهن ڪراچي بيسڊ  پريشر گروپ  سنڌ جي سياست تي اثر انداز ٿئي ٿو ته اهو ڪم ايم ڪيو ايم اڳ ئي ڪيو پئي. بهرحال ان جو ڪو امڪان نه ٿو لڳي ته ڪراچي ۾ ڪو پي ٽي آءِ کي ڪا جاءِ ملي سگهندي.

ٻئي طرف ان ڳالهه جو به امڪان نٿو لڳي ته ايم ڪيو ايم ڪو شهر جي بدليل ڊيموگرافي ۾ جمهوري انداز سان وڏي ڪا اڪثريت حاصل ڪري سگهي. ڪراچي ڪن تجزيا نگارن جو خيال آهي ته ايم ڪيو ايم اڪثريت سان کٽي سگهي يا نه سگهي پر ڌر ڌڻي ٻيهر ڪراچي انهن حوالي نه ڪرڻ چاهيندا. ايم ڪيو ايم مان نڪتل گروپ جيڪو پاڪ سرزمين پارٽي جي نالي سان ڪم ڪري رهيو آهي. ان کي به شهر جي ڪا پذيرائي نه آهي. اهو گروپ ان آسري ۾ آهي ته جيڪڏهن اصل ايم ڪيو ايم کي اقتدار ۾ حصو نه ٿو ملي ته هي ان جي varients طورآهي ۽ ان جي متبادل ۾ ان کي حصو ملي سگهي ٿو پر ايم ڪيو ايم ۽ ان جي مختلف ويرينٽ جي پاڻ ۾ ويڙهه جي ڪري پي ايس پي هڪ تڪراري گروپ آهي جنهن جي مقبوليت ۽ صلاحيت ۾ به شڪ ڏيکاريا پيا وڃن.

جماعت اسلامي جو خيال آهي ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي پيپلزپارٽي کي ڪراچي جو فل ڪنٽرول نه ڏيندا. ايئن لڳي ٿو. ته ساڳئي وقت اهو به خيال آهي ته پيپلزپارٽي ڪراچي ۾ مختلف ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي باوجود اڃان تائين ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙ علائقن ۾ پنهنجون پاڙون نه هڻي سگهي آهي. اهو به سمجهيو پيو وڃي ته انهن علائقن ۾ پيپلز پارٽي جي مخالفت ٺوس شڪل ۾ موجود آهي. ان ڪري ڪراچي جي ڀرپاسي يا ڪنڊائتن علائقن کي ڇڏي باقي هنڌن تي پيپلزپارٽي اڪثريت حاصل ڪري نه سگهندي. ڪجهه تجزيانگارن جو خيال آهي ته ايم ڪيو ايم جي قائد جو حامي ووٽ اڃان تائين سالم حالت ۾ موجود آهي. انهي ڳالهه کي محسوس ڪندي پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت سان واڳيل اهم وزير سيد ناصر حسين شاهه دبئي پهچي سنڌ جي اڳوڻي گورنر عشرت العباد سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻس ڪچهري ڪندي فوٽو به پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي شيئر ڪيو. جيتوڻيڪ ايم ڪيو ايم جي حامي حلقن وٽان عشرت العباد جي واپسي کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو ويو پر وڏن جي طرفان اهڙي تحرڪ کي خوشگوار موٽ نه ملي.

ڪراچي جي ماحول کي ايئن سمجهيو پيو وڃي ته پيپلزپارٽي حڪومت ۾ هجڻ ڪري مختلف علائقا کٽي سگهي ٿي. کيس مڪاني ادارن جي حدن ۾ ڪيل مختلف تبديليون فائدو ڏئي سگهن ٿيون. پر اها اڪيلي سر ان پوزيشن  ۾ناهي ته ميئر جو عهدو کٽي سگهي ۽ ڪراچي ۾ سمورا ادارا خوش اصلوبي سان هلائي به سگهي. ڳالهه رڳو انتظامن جي ناهي، انتظام ته نوڪرشاهي ڪري سگهي ٿي، ڳالهه سياسي پٺ ۽ چونڊيل ادارن کي پنهنجو سمجهڻ ۽ گهٽي جي صفائي سٿرائي ۽ پيئڻ جي پاڻي ۽ روڊ جي به آهي، جنهن جي مالڪي اتي جو ڪائونسلر ئي ڪري سگهي ٿو.

جماعت اسلامي سمجهي ٿي ته اهڙي صورتحال ۾ موقعو آهي ته هو پنهنجي لاءِ ميئر جو عهدو وٺڻ جي ڪوشش ڪري. ان جون پيپلزپارٽي سان سڌي توڙي اڻ سڌي طرح ڳالهيون به ٿيون آهن. پيپلزپارٽي اندرين حلقن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي ان کي نائب ميئر جو عهدو ڏيڻ لاءِ تيار آهي. پر ان لاءِ به پيپلز پارٽي پنهنجي حساب ۾ سمجهي ٿي ته جماعت اسلامي اوتريون سيٽون کٽي نه سگهندي. ان ڪري خود جماعت توڙي پيپلزپارٽي ٻنهي کي اڃان ڪنهن ٽئين ڌر سان ڳالهائڻو پوندو. ٽئين سياسي ڌر “وڏن” جي پٺ کانسواءِ موجود  ناهي. جڏهن انهن جي رضامندي ٿيندي ته پوءِ ٽه ڌري اقتداري ڍانچو ڪراچي ۾ جڙي سگهندو.

ايم ڪيو ايم جي اربع ڏينهن واري مظاهري کي تجزيه نگار ايئن به ڏسي رهيا آهن ته ايم ڪيو ايم کي پاسيرو رکي جماعت اسلامي پيپلزپارٽي ۽ ڪا ٽين سياسي ڌر ٺاهه ڪري ورتو هو. ان ڪري ئي ايم ڪيو ايم کي پنهنجو احتجاج وڏي سر ۾ رڪارڊ ڪرائڻو پيو. ايم ڪيوا يم جي امين الحق مظاهري تي پوليس جي لٺ بازي تي رد عمل ڏيندي چيو هو ته اسين ڳالهين لاءِ تيار آهيون، موٽ ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به کيس فون ڪيو. ڳالهائڻ لاءِ چيو.

بهرحال ڪراچي جو معاملو ايڏو سولو نه نبري سگهندو، خاص ڪري ان صورت ۾ جڏهن نه رڳو اهو ته ڪابه هڪ سياسي جماعت بلڪه ڪي ٻه سياسي جماعتون به چونڊن ۾ اڪثريت حاصل نه پيون ڪري سگهن. لازمي طور تي ٽين ڌر جي مدد جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي. ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي؟ اڃان ته پارٽي شروع ٿي آهي.