واشنگٽن: (دلچسپ نيوز) آن لائن شاپنگ جي وڏي ڪمپني ايميزون هالي ووڊ(ايم جي ايم) فلم ۽ اسٽوڊيو کي خريد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ايميزون ايم جي ايم اسٽوڊيو ۽ ان جي گذريل 35 سالن ۾ ٺاهيل 4 هزار فلمون ۽ 7 هزار کان وڌيڪ شوز کي ساڍا 8 ارب ڊالر کان وڌيڪ ۾ خريد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ مشهور فلمون، جيمز بانڊ ۽ دي هيبٽ به شامل آهن. ان خريداري جو بنيادي مقصد ايميزون جي وڊيوز اسٽريمنگ سروس پرائم تي ناظرين جي لاءِ وڌ کان وڌ نئون تفريحي مواد پيش ڪرڻ آهي ۽ اها ايميزون جي ٻئي وڏي خريداري آهي.ان کان اڳ 2017 ۾ ايميزون آمريڪا جو هڪ هول فوڊ گروسري اسٽور 14 ارب ڊالرن ۾ خريد ڪيو هو.