سڊني(دلچسپ نيوز) آسٽريليا جي جهنگ ۾ 3 هزار سالن بعد شيطان جهڙي جانور جي پيدائش ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آسٽريلوي رياست نيوسائوٿ ويلز جي علائقي بيرنگٽن ۾ وائلڊ لائيف سينڪچوئري اندر مادي تسمانيائي شيطان ٻارڙن کي جنم ڏنو آهي، ان مخلوق کي تسمانين ڊيول يعني تسمانيائي شيطان سڏيو وڃي ٿو، جنهگ ۾ ان نسل اندر 3 هزار سالن بعد پيدائش ٿي، تسمانيائي شيطان جي پيدائش ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي . ماهرن جو چوڻ آهي ته ان نسل 3 هزار سالن بعد ٻيهر ڪيئن جنم ورتو؟ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آسٽريلوي اين جي او آسي آرڪ ڪيترن ئي سالن کان ان نسل کي بچائڻ ۾ مصروف هئي، جهنگ ۾ جوڙو به ڇڏيو ويو جنهن وڏي عرصي بعد ٻارڙن کي جنم ڏنو، ماهرن کي هاڻي اميد پيدا ٿي وئي آهي ته اهو نسل هاڻي وري واڌ ويجهه ڪري سگهندو. تسمانيائي شيطان وائلڊ ڊاگ نسل جو جانور آهي سندس منهن ڏسڻ ۾ ڪوئي جهڙو آهي پر قد ڪتي جيترو لڳي ٿو، کيس خونخوار ڄاڙيون ۽ تيز ڏند به آهن . واضح رهي ته 1996 ۾ طبي ماهرن ۽ سائنسدان ڄاڻ ڏني هئي ته اهو نسل منهن ۾ ٽيومر ۽ ڪينسر سبب مري رهيو آهي.