ٽن ضلعن ۾ تباهي مچائيندڙ پاڻيءَ کي لنگهه نه ملڻ خلاف احتجاج جاري، شٽربند ھڙتال

0
324

ڪراچي(نمائندن وٽان) ٽن ضلعن ۾ تباهي مچائيندڙ ايل بي او ڊي، پراڻ ۽ هاڪڙي ڍوري جي پاڻيءَ کي لنگهه نه ملڻ خلاف عوامي احتجاجن جو سلسلو جاري آهي

جهڏو، نئون ڪوٽ ۽ ٽنڊو جان محمد ۾ پاڻيءَ جي فطري لنگهن تي قبضن خلاف هڙتال ڪئي وئي آهي، شادي لارج ڀرسان ٿر ڪول روڊ تي ڇهين ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي

عورتن ۽ ٻارن سوڌو وڏي انگ ۾ ماڻهو ڌرڻي ۾ شريڪ آهن، مظاهرين ايل بي او ڊي جو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ لاءِ زيرو پوائنٽ وٽ ڪٽ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي

ڪلوئي ۾ زيرو پوائنٽ تي ڪٽ جي مخالفت ۾ احتجاج جاري آهي، جنهن به وڏي انگ ۾ عورتون ۽ ٻاررا شامل آهن، پاڻي کي فطري لنگهه ڏئي وڌيڪ علائقا بچائڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي

ھي به پڙھندا

سنڌ جا سمورا اسڪول ٻوڏ متاثرن کان خالي ڪرائڻ جو فيصلو

تباهي مچائيندڙ ايل بي او ڊي جي پاڻي کي لنگهه نه ملڻ خلاف احتجاج جاري