نجي زمين تي شڪار ڪرڻ جي اجازت ڏني ته توهان خلاف ڪارروائي ٿيندي: سنڌ ھاءِ ڪورٽ پاران ايس ايڇ او سوراھ کي ڇنڊ

0
347
گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن:سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم
گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن:سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) خيرپور ضلعي جي سوراهه ٿاڻي جي حد ۾ نجي زمين تي شڪار ڪرڻ واري معاملي تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان نجي زمين کي شڪارگاهه بڻائڻ تي سوراهه ٿاڻي جي ايس ايڇ او مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو

سوراهه ٿاڻي تي مقامي ماڻهن تي ڪيس داخل ڪرڻ واري معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي

عدالت طرفان سوراهه ٿاڻي جي ايس ايڇ او منشاد ڪلوڙ مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، 14 آڪٽوبر تي ايس ايس پي خيرپور طلب ڪيو ويو

سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو چوڻ ھو تھ پنهنجي پوسٽنگ بچائڻ لاءِ ڪمداري ڪري رهيا آهيو، هاڻي اهو نه چئجو ته پهريان ڪو ٻيو ايس ايڇ او هو ۽ هاڻي آئون آهيان

عدالت پاران ايس ايڇ او کان پڇاڻو ڪيو ويو تھ پگهار سنڌ حڪومت ڏئي ٿي يا ڪو ٻيو، عدالت پاران ايس ايڇ او کي وارننگ ڏني وئي تھ نجي زمين تي شڪار ڪرڻ جي اجازت ڏني ته توهان خلاف ڪارروائي ٿيندي

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ هاڻي رڳو ڪچيون آباديون ۽ ڳوٺ ٺهي رهيا آهن:سنڌ ھاءِ ڪورٽ

سڀ ڄاڻن ٿا ته ٻوڏ متاثرن جو سامان سرڪاري آفيسز مان نڪرڻ بعد ڪيڏانهن وڃي ٿو: سنڌ ھاءِ ڪورٽ