ڪراچي(م ڊ) ايل بي او ڊي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر فريد ميمڻ چيو آهي ته اسپائينل ڊرين ذريعي ايل بي او ڊي جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪريون پيا، في الحال ڪٿي به ڪٽ ڏيڻ جي ضرورت محسوس نٿا ڪريون، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ايل بي او ڊي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر فريد ميمڻ  چيو ته اسپائينل ڊرين جي ٻن پوائنٽن ذريعي وڌ کان وڌ پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، آخري وقت تائين ڪوشش آهي ته ڪٽ لڳائڻ بنا پاڻي نيڪال ڪيو وڃي، علائقي واسين جا خدشا پنهنجي جاءِ تي، پر انجنيئرز في الحال ڪٽ جي ڳالهه نٿا ڪن، اُميد آهي ته 15 کان 20 ڏينهن ۾ دٻاءُ واري پوزيشن مان نڪري وينداسين