نئون ڪوٽ (ن پ ا) هاڪڙي درياهه کي فضل ڀنڀرو روڊ ڀرسان ست پلي وٽان ساڄي پاسي کان 30 فوٽ گهارو پئجي ويو، گهاري سبب ڳوٺ حاجي موليڏنو چانڊيو، ڀورو کوسو ۽ نظر محمد کوسو پاڻي هيٺ اچي ويا، جتان ڳوٺاڻا لڏپلاڻ ڪري محفوظ ھنڌن ڏانهن روانا ٿي ويا آهن، علائقي واسين ٻڌايو ته هاڪڙي جا ڪافي ڏينهن کان بند ڪمزور ٿي ويا هئا، جنهن بابت اسان ڪيترن ئي ڏينهن کان پنهنجي مدد پاڻ تحت بند مضبوط ڪرڻ ۾ رڌل رهياسين، جڏهن ته انتظاميا ڪا به واهر نه ڪئي، هوڏانهن هاڪڙي کي لڳل گهاري کي بند ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو هو، ان سلسلي ۾ پي ڊي ايل بي او ڊي فريد ميمڻ ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته اڄ گهارو ٻڌي وٺنداسين،