اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ جي تاريخ ۾  پهريون ڀيرو فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ٽيڪس اوڳاڙي 6 هزار ارب رپين تائين پهچي وئي، ايف بي آر موجب گذريل هفتي تائين ايف بي آر ٽيڪس اوڳاڙي 5 هزار 829 ارب تائين هئي. ايف بي آر ترجمان جو چوڻ آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 6 هزار ارب رپين کان وڌيڪ اوڳاڙيون گڏ ٿيون، سال 2021-22 لاءِ مقرر شروعاتي هدف 5 هزار 829 ارب رپيا گذريل هفتي حاصل ڪيو هو. ايف بي آر ترجمان موجب هلندڙ مالي سال انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 2 هزار 205 ارب گڏ ڪيا ويا، سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 2 هزار 773 ارب رپيا ۽ ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ 1007 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا. ترجمان چيو آهي ته ايف بي آر 30 جون 2022 تائين 6100 ارب رپين جي ٽيڪس اوڳاڙين واري هدف لاءِ پرعزم آهيون.