جنهن به اداڪارا جي هٿ تي ٿُڪَ اڇلائي اها نمبر ون بڻجي وئي: عامر خان

0
258

جنهن به اداڪارا جي هٿ

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ انڊسٽري تي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان راڄ ڪندڙ ناليواري هيرو عامر خان بابت فرح خان هڪ عجيب انڪشاف ڪيو آهي

بالي ووڊ هدايتڪارا ۽ ڪوريو گرافر فرح خان هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته عامر خان شوٽنگ دوران فلم جي سيٽ تي پنهنجي ساٿي فنڪارن سان گهڻي مستي مذاق ڪندو آهي پر هن جي هڪ عجيب عادت آهي جو هو جيڪا هو ڪافي عرصي کان ڪندو آيو آهي

عامر خان نئين شخص کي هٿ جو لڪيرون پڙهڻ بهاني ان شخص جي هٿ تي ٿُڪَ اڇلائيندو آهي. جڏهن عامر خان کان اهو سوال پڇا ڪيو ويو ته هن مسرائيندي جواب ڏنو ته مان جنهن جنهن هيروئن جي هٿ تي ٿُڪ اڇلائي اها نمبر ون بڻجي وئي