ڪراچي(م ڊ) وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان سميت اهم اڳواڻن جون استعيفائون منظور ڪرڻ جو فيصلو  ڪيو آهي. ناليوار تجزيانگار محسن بيگ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته وڏي خبر اها آهي ته عمران خان سميت تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻن جون استعيفائون منظور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري، اسد عمر، شيرين مزاري، مراد سعيد، علي محمد خان ۽ فرخ حبيب جي استعيفا به منظور ڪئي ويندي.