ملير(رپورٽر) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي پاران سنڌ ۾ بدانتظامي، بيروزگاري، ڪرپشن ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف سکر مان شروع ڪيل پيادل مارچ جي ڪراچي جي علائقن مارئي ڳوٺ، قائدآباد،  ۽ ملير  شاندار آجيان، ملير ڪورٽ ۾ قافلي تي گلن جي ورکا، اڄ ڪراچي پريس ڪلب آڏو عام جلسو ٿيندو، ڪالهه ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻن روشن ٻرڙو، سيد منير حيدرشاھ، جڳديش آهوجا، امير آزاد پنهور، رخسانا هاليپوٽو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ هٿ سان بدامني پيدا ڪري کي سنڌ واسين کي ڌاڙيلن جي رحم تي ڇڏيو ويو آهي، خراب حڪمراني، مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب خوشحال سنڌ جا مسڪين ماڻهو غربت سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن،  ٻئي پاسي حڪمران سنڌ جي وسيلن جي ڦر لٽ ۾ لڳل آهن، هنن چيو ته پيادل مارچ جو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تاريخي استقبال ڏسي اسان کي يقين آهي ته سنڌ جو ماڻهو هاڻ تبديلي چاهي ٿو، اڄ  لکين سنڌي ڪراچي ۾ گڏ ٿي ريفرنڊم ڏيندا ۽ ثابت ڪندا ته سنڌ فقط سنڌ دوستن سان گڏ آهي.هوڏانهن ڪالهه شام جو لانگ مارچ جي شاهراهه فيصل  پهچڻ تي ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه آڌرڀاءُ ڪندي ڪارڪنن کي اجرڪ ۽ گلن جا هار پارايا،  هن ڪجهه پنڌ ڪري لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي سيد جلال محمود شاهه چيو ته وفاقي حڪومت کي برطرف ڪري فوري طور چونڊون ڪرايون وڃن.