ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته گذريل چئن پنجن  ڏينهن کان پاڪستان ۾ اهو ڪجهه ٿي رهيو آهي, جيڪو  75 سالن ۾ نه ٿيو آهي،  پرڏيهي ملڪن جي مدد سان ملڪ ۾ انتشار پکڙيندڙ شخص کي عدالتن مان آئوٽ آف وي رليف ڏنو پيو وڃي، عمران خان لاءِ جمعا بازار لڳائي بائي ون گيٽ ون  (هڪ شيءَ خريد ڪريو، هڪ مفت ۾ وٺو )  پيڪيج ڏنا پيا وڃن، هن چيو ته ملڪي آئين ۽ ايٽمي طاقت جي خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ملڪ کي ميزائل ٽيڪنالاجي ڏيندڙ شهيد بينظير ڀٽو لاءِ عدالتن وٽ وقت ناهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل جو ريفرنس 10 سالن کان التوا جو شڪار آهي. جڏهن ته شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت واري ڪيس جي ٻڌڻي  اڻڄاتل مدي تائين  ملتوي ٿيندي رھي ٿي. ڪالهه  پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پيپلز پارٽي عدالتن کان رليف نه پر انصاف چاهي ٿي. انهن ٻنهي ڪيسن ۾ عدالتون جيڪو به فيصلو ڪنديون، اسان کي قبول آھي. ھن مطالبو ڪيو ته انهن ڪيسن جي ٻڌڻي روزاني بنيادن تي ڪئي وڃي . هن چيو ته جنهن پارٽي آئين ڏنو، ايٽمي پروگرام ڏنو، ميزائل ٽيڪنالاجي ڏني، انهي سان ڪهڙو رويو رکيو پيو وڃي؟  ھن چيو ته جيڪڏهن انصاف عمران خان وانگر ئي ملڻو  آهي ته ڇا اسان به اهي ئي ڪم شروع ڪريون جو هزارين ماڻهو عدالت وٺي وڃون، جيڪڏهن ملڪ کي ائين هلڻو آهي ته اسين تيار آهيون.