لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جو ايس ايس پي عمران قريشي 43 اڳوڻن ايس ايچ اوز ۽ 2 وڏن منشن کي لائين مان ٿاڻن ڏانهن بدلي ڪري ڇڏيو، پوليس آفيسرن ۾ ٿرٿلو مچي ويو ايس ايس پي عمران قريشي ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي رھندڙ اڳوڻن ايس ايچ اوز کي جونيئرن ھيٺان ڪم ڪرڻ لاءِ ٿاڻن ڏانهن بدلي ڪري ڇڏيو. لائين مان مختلف ٿاڻن ڏانهن بدلي ٿيندڙ سينئر سب انسپيڪٽرن ۽ انسپيڪٽرن ۾ اچانڪ ٿاڻن تي بدلي ٿيڻ بعد ٿرٿلو مچي ويو .