ميرپورماٿيلو (ن پ ا) پ پ ضلعي گھوٽڪي طرفان ميرپورماٿيلو ڀٽائي چوڪ تي وفاقي حڪومت خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. پ پ ضلعي صدر مير بابر خان لنڊ، دادن خان مهر، محمد يوسف ڀٽو، غلام نبي وسير، سڪندر علي لاکو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ لاءِ سنڌ جي حصي جي پاڻي تي قبضو ڪيو آهي. وفاقي حڪومت ايتري ته مهانگائي ڪري ڇڏي آهي جو غريب ماڻهن جي گھرن جي چُلهه ٻرڻ مشڪل ٿي وئي آهي. عمران حڪومت بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏيڻ بجاءِ ويتر 16 هزار وفاقي ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو مذمت جوڳو فيصلو آهي.