بدين (رپورٽر) صحافي محمد حنيف زئي جي وڇوڙي کي ھڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پريس ڪلب شھيد فاضل راھو ۾ محمد حنيف زئي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، ھڪ سال اڳ ڪورونا سان وڙھندي محمد حنيف زندگي جي جنگ هارائي ويو هو، تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڊي سي آغا شاھنواز چيو ته محمد حنيف جي خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، هن پنهنجي قلم سان حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪيو، جڏهن ته ايس ايس پي ٿرپارڪر سردار حسن نيازي چيو ته محمد حنيف مظلوم عوام جو آواز ايوانن تائين پهچايو، سندس خدمتون هميشه ياد رهنديون. جڏهن ته تعزيتي ميڙاڪي ۾ اعجاز حنيف زئي، ڪاشف رضا منگي، خالد محمود گھمڻ، تنوير آرائين، طارق محمود اعواڻ، ھارون گوپانگ، سرفراز سمون، مھرالدين مري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.