تھران (م ڊ) ايران ۾ پردي جي معاملي تي حراست ۾ ورتل نوجوان ڇوڪري جي قتل خلاف احتجاج ڪندڙ وڌيڪ 3 ڄڻن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آھي. پرڏيھي خابرو اداري موجب ملڪ ۾ ھلندڙ احتجاجي مظاھرن جي ڏوپهه ۾ گرفتار ٿيل 3 ڄڻن کي موت  جي سزا  ٻڌائي وئي آھي، جيتوڻڪ ايراني عدالت موجب جوابدار سزا خلاف اپيل ڪري سگهن ٿا. ياد رھي تھ تھران ۾ حجاب  نھ ڪرڻ جي ڏوھھ  ۾ گرفتار مھسا  اميني جي پوليس جي قيد ۾ قتل ٿيڻ بعد مظاھرن جو سلسلو شروع ٿي ويو ھو. ٻئي طرف ٻن قيدين کي موت جي سزا ڏيڻ جي خوف ۾ هزارين ماڻهن ڪراج شهر جي راجاءِ شهر جيل جي ٻاهران احتجاج ڪري رهيا آهن. انهن قيدين ۾ 22 سالن جو محمد غوبادلو ۽ 19 سالن جو محمد بروغاني شامل آهن. احتجاج ڪندڙن ۾ انهن جا گهرڀاتي به شامل آهن. غوبادلو ذهني مريض آهي پر پوءِ به کيس سزا ٻڌائي وئي آهي. کيس خدا سان جنگ شروع ڪرڻ جي الزام ۾ اها سزا ٻڌائي وئي آهي. مٿس الزام آهي ته هن چاقو سان هڪ سيڪورٽي اهلڪار کي قتل ڪيو. آخري اطلاعن تائين احتجاج جاري هو.