ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )سنڌ حڪومت پاران قديم ورثو قرار ڏنل عمارتن جي مرمت  ۽بحالي لاءِ هڪ ارب رپين جو فنڊ قائم ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان قديم آثارن ۽  تاريخي عمارتن بابت قائم ڪيل آرڪيالاجيڪل فنڊ  جي بورڊ جو سردار شاھ جي صدارت هيٺ  پهريون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تاريخي عمارتن بابت مختلف فيصلا ڪيا ويا. ان موقعي تي صوبائي وزير سردار شاھه چيو ته اينڊوومينٽ فنڊ قائم ٿيڻ سان قديمي آثارن ۽ ورثو قرار ڏنل عمارتن جي تحفظ، مرمت ۽ سار سنڀال ۾ مدد ملندي، هن چيو ته اينڊوومينٽ فنڊ ۾ خانگي سيڪٽر جي شرڪت کي به ڀليڪار ڪنداسين، ان حوالي سان بين الاقوامي ادارن کي  دعوت پڻ ڏني ويندي ته اهي اينڊوومينٽ فنڊ ۾ پنهنجو حصو ڳنڍين، هن چيو ته قديمي آثار قرار ڏنل عمارتن جي حفاظت رڳو اي ڊي پي اسڪيمن جي بنياد تي ممڪن ناهي، ڪڏهن ڪڏهن فنڊ نه هجڻ سبب آرڪيالاجيڪل سائيٽن تي بروقت ڪم نه ٿيڻ جي ڪري وڏو نقصان ٿئي ٿو، هاڻ فنڊ مان ڪم ڪرايو ويندو