چيشائر(انٽرسٽنگ نيوز) انگلينڊ ۾ لائبرري مان ڪڍرايل ڪتاب 50 سالن کان پوءِ واپس ڪيو ويو آهي. انگلينڊ جي اتر اولهه ۾ موجود ڪائونٽي چيشائر جي نينٽوچ لائبرري هڪ فيسبڪ پوسٽ ذريعي ٻڌايو ته “انٽروڊڪشن ٽو ڊيووي ڊيسيمل ڪلاسيفڪيشن فار برٽش اسڪول” نالي ڪتاب سال 1972ع جي آخر ۾ ڪڍرايو ويو هو، ۽ ان کي 30 جنوري 1973ع تي موٽائڻو هو. پر ڪتاب گذريل هفتي 50 سالن جي ڊگهي وقت کان پوءِ موٽايو ويو آهي. لائبرري هي ڪتاب هڪ مقامي اسڪول جي هيڊماستر ورتو هو پر اهو واضح ناهي ته کيس واپس ڪرڻ ۾ ايترا سال ڇو لڳي ويا.