لاس اينجلس (انٽرسٽنگ نيوز) آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالوجي تيزيءَ سان روزاني زندگي جو حصو بڻجي ٿي جيڪا سوشل ميڊيا الگورٿمز کان وٺي اي ڪامرس ۽ نيوي گيشن هر جڳهه تي موجود آهي. رپورٽ موجب سڀ ماڻهو ان ٽيڪنالوجي کي زندگي جو حصو بڻائڻ جي خيال سان خوش ناهن. اهڙن ماڻهن جو من موهڻ لاءِ روبوٽ ”ڀينر“ ڪم ڪري رهيون آهن. صوفيا، گريس ۽ ڊيسڊيمونا انسان جهڙا روبوٽس آهن ۽ هر هڪ جو پنهنجو منفرد اي آءِ سسٽم آهي. ٽنهي روبوٽس ڀينر کي هينسن روبوٽڪس جي باني ڊيوڊ هينسن تيار ڪيو آهي جڏهن ته انهن جا اي آءِ دماغ ڪمپني جي اڳوڻي سائنسدان بين گويرٽزل تيار ڪيا. بين گويرٽزل انٽرويو ۾ ٻڌايو آهي ته انهن روبوٽس جو مقصد انساني دنيا ۽ اي آءِ ورلڊ کي هڪ ٻئي سان ملائڻو آهي. هنن چيو ته انساني چهرو جذبن جي اظهار جو هڪ بنيادي ذريعو آهي. اهي روبوٽ ڀينر مختلف شعبن ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، گريس کي اهڙن ماڻهن جي سهڪار لاءِ تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي ڊمينشيا جهڙو دماغي عارضو هجي، جڏهن ته ڊيسڊيمونا مختلف ٽيڪنالوجي سان ليس آهي ۽ ماهرن جي آزمائشي ميوزڪ بينڊ جو حصو آهي جتي هوءَ گيت جي شاعري کي بهتر بڻائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي. ماهرن موجب انهن روبوٽس کي تعليمي شعبي ۾ به استعمال ڪري سگهجي ٿو. هنن چيو ته ماڻهن کي روبوٽس سان رابطي جو موقعو فراهم ڪرڻ سان اي آءِ ٽيڪنالوجي بابت ماڻهن جي سوچ تبديل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهندي.