ملير(رپورٽر) سنڌ ۾ زمينن تي والار ۽ ڌارين جي آبادڪاري ڌرتي ڌڻين کان حق حاڪميت کسڻ ۽ کين اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آھي، اهڙو اظهار سنڌ انڊيجينئس رائٽس الائنس جي سيدخداڏنو شاهه جي صدارت ۾ ٿيل جنرل باڊي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو، ان موقعي تي  عبدالخالق جوڻيجو، حفيظ بلوچ، سارنگ جويو، حنيف دلمراد،  يونس خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته بحريا ٽائون کانپوء بحريا ٽائون 2 ، ڊي ايچ اي سٽي  سميت ڪراچي کان ٺٽي ۽ ڄامشوري تائين رهائشي اسڪيمون آڻي ۽ سامونڊي پٽي تي والار ڪري سنڌين کي اقليت ۾ بدلايو پيو وڃي، جنهن خلاف تحريڪ هلائي ويندي.