لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير جاويد لطيف چيو آهي ته نواز شريف رياست لاءِ اڻڳڻيون قربانيون ڏنيون، هاڻي هو وڌيڪ قربانيون نه ڏيندو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ميان جاويد لطيف چيو ته نواز شريف ذاتي تڪليفون وساري اڳتي وڌڻ جي ڳالهه ڪئي، هن نه پهريان گارنٽي ورتي نه اڄ گهري ٿو، ڇا نوازشريف هر هر قرباني ڏيندو رهندو؟ هن چيو ته 2017ع ۾ اسان چوندا هئاسين ته ٽرٿ ڪميشن جوڙيو وڃي، جڏهن ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو ته پوءِ ٽرٿ ڪميشن جو ڪهڙو مطلب، اڃا ڇا ڏسڻو آهي، نومبر 2022ع تائين سرعام سرپرستي ڪئي ويندي هئي، جنرل (ر) قمر جاويد باجوا، جنرل رٽائرڊ فيض حميد ۽ عمران خان اڄ به هڪ ٻئي جا حامي بڻيل آهن، قوم جي سامهون نورا ڪشتي کيڏي پئي وڃي. هن چيو ته ڇا سازشي خط جي ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ چيف کي خبر نه هئي ته اِهو ڪوڙو آهي؟ ڇا کيس پنڪي ۽ فرح گوگي جي ڪرپشن جو پتو نه هو؟ ڇا صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ ڏيندي ثاقب نثار کي خبر نه هئي ته عمران خان پلي بواءِ آهي؟ وفاقي وزير مطالبو ڪيو ته 2017ع جي ڪردارن جي کيسي مان پئسا ڪڍيا وڃن، پنج ڪردارن رياست کي سفارتي، معاشي ۽ مالي طور نقصان پهچايو، نواز شريف کي هر هر احتساب، ميڊيا ٽرائل مان گذاريو ويو. سندس چوڻ هو ته عمران خان کي اڄ به مشهور ڪنهن جي ضرورت آهي، رياست کي نقصان رسائڻ وارن کي عبرت جو نشان بڻائي نواز شريف کي آڻڻو پوندو کائنس معافي وٺڻي پوندي.