امتياز شيخ عوام بدران بجلي ڪمپنين جي حمايت ۾ بيان ڏيڻ لڳو

0
225

سنڌ جي توانائي جي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته ڪراچي ۾ 3 هزار ميگاواٽ بجلي جي گهرج ۽ 7 کان 8 سئو ميگاواٽ شارٽيج آهي، ڪي اليڪٽرڪ کي سامان ۽ پئسا ملندا ته صورتحال بهتر ٿي ويندي

ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او سان رابطي بعد ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي امتياز شيخ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي گئس گهٽ ملي ٿي ۽ خام تيل به نه آهي، تنهنڪري بجلي جي پيداوار گهٽجي وئي آهي

هن چيو ته رڳو سنڌ نه، پر سموري ملڪ ۾ بجلي جي بندش جو مسئلو آهي، ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو جي عملدارن سان رابطن ۾ آهيون، مسئلو جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي