0
408

ڪراچي ۾ بجلي جي بندش سبب پيئڻ جي پاڻي جو بحران به سنگين ٿي ويو، ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي بجلي بند هجڻ سبب ڪراچي کي پاڻي ڏيندڙ پائيپ لائينز آئي ڏينهن ڦاٽڻ لڳيون آهن

10 ڏينهن ۾ ٽيون دفعو لائين ڌماڪي سان ڦاٽي پئي، 72 انچ قطر جي لائين ٻن هنڌن تان ڦاٽڻ سبب ڪيترن ئي علائقن کي پاڻي جي فراهمي بند ٿي وئي

پائيپ لائين ڦاٽڻ سبب پاڻي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ڪاهي پيو، جڏهن ته هزارين گيلن پاڻي ضايع ٿي ويو

واٽر بورڊ اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي 4 پمپس بند آهن، لائين جي مرمت تائين ڪراچي کي هڪ ڏينهن ۾ 100 ملين گيلن پاڻي جي فراهمي بند رهندي

واٽر بورڊ اختيارين جو چون آهي ته  پائيپ لائينز جي مرمت ۾ هفتو لڳي سگهي ٿو، جڏهن ته شهرين بجلي ۽ پاڻي جا مسئلا فوري حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي