ڪراچي: ڪپتان بابراعظم نوجوان اوپنر امام الحق جي ٽويٽ بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته مون امام الحق جي ٽويٽ ناهي ڏٺي،  قومي ٽيم متحد آهي ۽ هن ٽيم ۾ ناراضگي نه ٿيندي آهي. هن چيو ته قومي ٽيم جا سمورا رانديگر ڀاتين وانگر آهن انڪري مونکي نٿو لڳي ته امام الحق جي ٽويٽ جو ميچ سان ڪو تعلق آهي.