ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي اوپنر بيٽسمين فخرالزمان ون ڊي سيريز ۾  363 رنز ٺاهي ميلو لٽي ورتو. تفصيل موجب نيوزيلينڊ خلاف 5 ون ڊي ميچن تي مشتمل سيريز ۾ نوجوان بيٽر فخرالزمان اوپنر طور کيڏندي شاندار ڪارڪرگي جو مظاهرو ڪيو، هن 5 ميچن ۾ ٻن سينچرين جي مدد سان 90 جي ايوريج سان اسڪور ڪيو، سيريز ۾ هن 180 ناٽ آئوٽ جي بهترين اننگ پڻ کيڏي. ڪپتان بابراعظم 276، امام الحق 174، محمد رضوان 161 ۽ آغا سلمان 153 رنز ٺاهيا جڏهن ته افتخار احمد 101 رنز ٺاهي نمايان رهيو. بالنگ واري شعبي ۾ حارث رئوف سڀني کان وڌيڪ 9 وڪيٽون ورتيون، شاهين شاهه آفريدي 8، محمد وسيم ۽ اساما مير 6-6 وڪيٽون ورتيون.