اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو استعمال ۽منجهيل مخالف ڌر

0
520

ملڪي سياسي تاريخ ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت کي جتي “يوٽرن” وٺندڙ حڪومت طور سڃاتو ويندو، اتي تبديلي سرڪار کي مهانگائي جا رڪارڊ قائم ڪندڙ حڪومت به سڏيو ويندو.  پي ٽي آءِ حڪومت جي دور جي منفي ڪارنامن تي جڏهن به لکيو ويندو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي ميڊيا جي آزادي  کي محدود ڪرڻ جي حوالي سان آمريتي دورن سان ڀيٽ ڪرڻي پوندي ۽ پي ٽي آ حڪومت کي ميڊيا جي شعبي کي ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي معاشي بحران جي ور چاڙهي ڇڏيندڙ حڪومت جي نالي سان ضرور سڏيو ويندو.  جنهن معاشي بحران جو جيڪڏهن ڪنهن سرسري طور به جائزو پيش ڪيو ته شايد ميڊيا جي شعبي مان جيتري تعداد ۾ پي ٽي آءِ دور ۾ صحافي ۽ ميڊيا ورڪرز بي روزگار ٿيل نظر ايندا ايترا شايد ئي ڪنهن دور ۾ صحافي بي روزگار ٿيل ملن. پي ٽي آءِ  جي دور حڪومت جي ورقن کي اٿلايو ويندو ته هر ورق تي اهو مامرو چٽي ريت سامهون ايندو ته پي ٽي آءِ  پنهنجي حڪومت جي ٽن سالن جي مدت مڪمل ڪرڻ باوجود ڪمال مهارت سان مهانگائي ۾ اضافي سوڌو هر ناڪامي جو ذميوار مخالف ڌر جي اڳوڻين حڪومتن کي ڏيندي رهي. ايئن پي ٽي آءِ حڪومت ۾ مخالف ڌر جي ڪردار کي جڏهن جاچيو ويندو ته هن دور جي مخالف ڌر کي تاريخ جي غير موثر، ناڪام ۽ نڪمي مخالف ڌر محسوس ڪيو ويندو. هي مخالف ڌر ايتري ته مونجهاري جو شڪار ٿيل آهي جو سياست تي نظر رکندڙ ۽ صحافي به حيرت ۾ ورتل آھن. جنهن جو تازو مثال پي ڊي ايم جو  29 آگسٽ تي ڪراچي وارو جلسو آھي، جنهن جلسي ۾ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف تقرير ڪندي اعلان ڪيو ته “حڪومت جي خاتمي لاءِ مولانا فضل الرحمان جي قيادت ۾ لکين ماڻهن جو سمنڊ وٺي اسلام آباد ويندا سين” پي ڊي ايم اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪرڻ جي ڪنهن تاريخ جو ته  اعلان نه ڪيو پر ساڳي ئي شهر ڪراچي ۾  شهباز شريف ٻئي ڏينهن تي ملڪ اندر قومي حڪومت جي قيام جي تجويز پيش ڪندي چيو ته “مفاهمت يا مزاحمت نه پر 2023ع ۾ شفاف عام چونڊون چاهيون ٿا.” شهباز شريف جي ان بيان پي ڊي ايم جي ڦوڪڻي مان هڪ ڀيرو وري هوا ڪڍي ڇڏي آھي. پي پي پي جي ڌار ٿيڻ بعد غير موثر ٿي ويل جنهن پي ڊي ايم کي مولانا فضل الرحمان ۽ نواز شريف ٻيهر ساهه وجهڻ ۽ عوام کي حڪومت خلاف ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، شهباز شريف ان پي ڊي ايم کي هڪ ئي بيان سان وري بي اثر ،نستو بنائي اهو واضح ڪري ڇڏيو آھي ته انهن جي ايجنڊا عمران حڪومت جو خاتمو نه آھي پر انهن جي خواهش اها آھي ته ملڪ ۾ اپوزيشن جو نالو نشان نه هجي.  قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي واتان نڪتل اهي ڳالهيون ٻڌي ماڻهون حيران ته ضرور ٿيندا ڇو ته ماضي ۾ قومي حڪومت جي قيام جي  ڪنهن به جمهوري پارٽي تجويز نه ڏني آھي. قومي حڪومت جي قيام جون ملڪ اندر نظر نه ايندڙ ڌريون ڪوششون ڪنديون رهيون آھن. اها به حيرت جي ڳالھه آھي ته مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي قومي حڪومت واري بيان کي ن ليگ پاران ذاتي بيان قرار ڏنو پيو وڃي.

ڳالھه حيراني جي ٿي رهي آھي ته اوهان کي ڪجهه وڌيڪ حيران ڪندڙ مامرن کان آگاهه ڪرڻ چاهيان ٿو آئين جي آرٽيڪل 140 اي تحت اليڪشن ڪميشن کي چئني صوبن ۾ بلدياتي ادارن جي مدت مڪمل ٿيڻ جي 120 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو پابند بنايو ويو آھي، جنهن آئيني ذميواري کي اليڪشن ڪميشن نڀائڻ ۾ ناڪام ٿيل آھي.  بلوچستان ۾ بلدياتي ادارن جي مدت 27 جنوري 2019ع تي مڪمل ٿي چڪي آھي، ڪي پي صوبي ۾ 27 آگسٽ 2019ع ، سنڌ صوبي ۾ بلدياتي ادارن جي مدت 30 آگسٽ 2020ع تي مڪمل ٿي چڪي آھي. پنجاب صوبي ۾ بلدياتي ادارن جي مدت 31 ڊسمبر 2021ع ۾ مڪمل ٿيڻي هئي پر پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت پنجاب جي بلدياتي ادارن کي مئي 2019ع ۾ ختم ڪري چڪي آھي. پنجاب جي بلدياتي ادارن کي عدالت بحال ڪرڻ جي به هدايت ڏئي چڪي آھي پر حڪومت پنجاب ۾ بلدياتي ادارن کي عدالت جي هدايت تحت به بحال ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي. ڪي پي  ۽ بلوچستان ۾ به پي ٽي آءِ جي ئي حڪومت آھي، اتي به بلدياتي چونڊون ڪرائڻ اڳيان صوبائي حڪومتون رڪاوٽ بڻيل آھن. وزير اعظم عمران خان ته جديد ترين بلدياتي نظام آڻڻ لاءِ قانوني مسودي تيار ڪري ڇڏڻ جون ڳالهيون گهڻو وقت اڳ ڪيون هيون. اهو قانون ۽ بلدياتي چونڊ ڪرائڻ جو عمران خان جو عزم ڪاڏي هليو ويو.

حيراني ته ان ڳالھه تي به آھي ته جنهن 2017 ع جي آدمشماري جي عبوري انگ اکرن جي بنيادن تي تڪبنديون ڪرائي 2018ع جي عام چونڊ ڪرائي وئي جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت قائم ٿي هاڻ اها ئي سنڌ حڪومت صوبي ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ کان اهو چئي انڪار ڪري رهي آھي ته 2017ع جي آدمشماري تي سنڌ حڪومت جا اعتراض آھن جن خلاف آئين تحت اپيل گڏيل پارليامينٽ کي اماڻي وئي آھي، جيستائين ان اپيل جو فيصلو نٿو ٿي تيستائين سنڌ ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ ممڪن نه آھن.

اليڪشن ڪميشن سنڌ صوبي جي اهڙي موقف تي عدالتي مسلسل ڪارروائي هلائڻ جو اعلان ڪندي پهرين ٻڌڻي 7 سيپٽمبر تي طلب ڪئي آھي جنهن ۾ پيش ٿيڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آھن نه رڳو ايترو پر صوبن جي بلدياتي چونڊن اڳيان رڪاوٽن کي ڏسي اليڪشن ڪميشن خصوصي سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي آھي جنهن کي بلدياتي چونڊن بابت سفارشون ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي. اليڪشن ڪميشن جي صوبائي حڪومتن اڳيان لاچاري ته حيرت جوڳو عمل آھي پر سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ ۾ سنجيده آھي؟ ان سوال کي اوهان تي ڇڏي اوهان کي بلدياتي چونڊن کان به وڌيڪ حيرت ۾ وجهندڙ مامري کان آگاهه ڪرڻ چاهيان ٿو جيڪو مامرو ايندڙ عام چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ڪرائڻ وارو آھي. ان ۾ هڪ حيرت وارو مامرو ته اهو آھي جو حڪومت ايندڙ عام چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ڪرائڻ سان گڏ پرڏيھه ۾ رهندڙ90 لک پاڪستانين کي انٽرنيٽ ذريعي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ آرڊيننس جاري ڪرڻ آھي. سڀني کي معلوم آھي ته آرڊيننس جي مدت 120 ڏينهن آھي اها مدت مڪمل ٿي وڃي ته ان مدت ۾ رڳو هڪ ڀيرو 120 ڏينهن جي قومي اسيمبلي مان قراداد منظور ڪرائي واڌ ٿي سگهي ٿي. آرڊيننس وسيلي عارضي قانونسازي ته حيران ڪن مامرو آھي پر ان کان به وڌيڪ اچرج جو مامرو اهو آھي ته مخالف ڌر جون لڳ ڀڳ سموريون پارٽيون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي چونڊ ڪرائڻ کي رد ڪري چڪيون آھن پر پي ٽي آءِ جي حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي چونڊون ڪرائڻ لاءِ نه رڳو بضد آھي پر اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار ڪيل ووٽنگ مشين جو ڊيمو،ڪڏهن وزير اعظم کي ڏيکاريو پيو وڃي ته ڪڏهن ان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي رونمائي لاءِ پارليامينٽ هائوس ۾ رکيو پيو وڃي، ته ڪڏهن ان مشين جو ڊيمو اليڪشن ڪميشن کي ڏنو پيو وڃي. اليڪشن ڪميشن کي تيار ڪيل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو جيڪو ڊيمو ڏيکاريو ويو ان دوران چيف اليڪشن ڪمشنر سوڌو اليڪشن ڪميشن جي آءِ ٽي ونگ جي عملدارن ستر کان وڌيڪ سوال اٿاري ڇڏيا آھن. اهي سوال ان ڪئميرا اجلاس ۾ ڪيا ويا هئا،  ان اجلاس بعد اليڪشن ڪميشن جي ذميوارن سان جيڪا ڪچهري ٿي انهن جيڪي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت  تفصيل ٻڌايا مون لاءِ اهي تفصيل انتهائي حيران ڪن هئا. مون کي ٻڌايو ويو ته هڪ ته تيار ڪيل ووٽنگ مشين تمام سادي ۽ اليڪشن ڪميشن جون گهرجون پوريون ڪندڙ نه آھي. ان کان به وڏي ڳالھه اها ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۾ ووٽر جي تصديق ڪرڻ جي اهليت نه آھي. ان ووٽنگ مشين جو ڪنٽرول پرزائيڊنگ آفيسر وٽ هوندو. مثال طور ڪو ووٽر ووٽ لاءِ آيو ته پرزائيڊنگ آفيسر مشين کي آن ڪندو پوءِ ووٽر پنهنجي پسند جي اميدوار جي نشان واري بٽڻ کي دٻائي ووٽ ڪندو. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۾ ووٽر جي سڃاڻپ جي اهليت نه هجڻ تي اليڪشن ڪميشن اهو جائز خدشو ظاهر ڪيو آھي ته جيڪڏهن ڪنهن پولنگ جو پرزائيڊنگ آفيسر ڪنهن اميدوار سان ملي وڃي ته پرزائيڊنگ آفيسر ڪيترائي ووٽ ڪري سگهي ٿو. مشين ۾ ان خامي جي به اليڪشن ڪميشن نشاندهي ڪئي آھي ته مشين ۾ رڳو 19 اميدوارن جا نالا شامل ڪري سگهجن ٿا جڏهن ته اسان جي ملڪ ۾ مختلف تڪن ۾ سئو اميدوار به سامهون ايندا آھن،

ان ڪري جتي 19 کان وڌيڪ اميدوار هوندا ته اضافي ووٽنگ مشين رکڻي پوندي نه رڳو ايترو پر ووٽ جي رازداري رکڻ آئيني ذميواري آھي مشين ذريعي جيڪا ووٽ جي پرچي نڪري ٿي ان سان ڀرسان بيٺل ماڻهو آرام سان معلوم ڪري سگهندو ته ووٽر ڪنهن کي ووٽ ڏنو آھي. اليڪشن ڪميشن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ڊزائن ،سافٽ ويئر سوڌو سمورا تفصيل ڏيڻ جي سائنس ٽيڪنالاجي وزارت کي هدايت ڪئي هئي پر اهي تفصيل اڃان تائين اليڪشن ڪميشن کي نه ملي سگهيا آھن نه ئي اليڪشن ڪميشن جي اهم سوالن جو ڪو منطقي جواب ڏنو ويو آھي. اليڪشن ڪميشن سوال اٿاريو هو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين هر هڪ پولنگ بوٿ جو نتيجو فراهم ڪندي، هر هڪ تڪ تي سون جي تعداد ۾ پولنگ اسٽيشنون به قائم ٿينديون آھن، هر تڪ جي سمورين پولنگن جو جيڪو مشين ڌار ڌار نتيجو فراهم ڪنديون، انهن کي گڏائي پوري تڪ جو نتيجو ٺاهڻ لاءِ جيڪو اليڪٽرانڪ ۽ ڪمپيوٽر جي ڄاڻ رکندڙ عملو گهربل هوندو اهو ڪٿان ايندو؟ جيڪڏهن ڪنهن پولنگ تي اليڪٽرانڪ مشين ۾ ڪا خرابي اچي ته ان کي فوري درست ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ ٽيڪنڪل عملو ڪٿان ايندو؟ سڄي ملڪ جي پولنگ اسٽيشنن ۾ مقرر ٿيندڙ  پرزائيڊنگ آفيسرن کي مشين هلائڻ جي سکيا ڪيئن ۽ ڪيتري وقت ۾ ٿي سگهندي ۽ اهڙي ڪم لاءِ ڪهڙي قسم ۽ اهليت رکندڙ عملو درڪار هوندو؟ اهي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون جيڪڏهن بيٽري تي هلنديون ته سمورين مشينن جي بيٽرين فل هجڻ کي سڄي ملڪ اندر يقيني ڪيئن بنائي سگهبو؟  اهو سبب آھي ته ماهر چون پيا ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي چونڊن ۾ ڌانڌلي ختم ته نه ٿي سگهندي پر ڌانڌلي کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ سسٽم سان پڪڙڻ جو مامرو مشڪل يا ناممڪن ضرور ٿي سگهي ٿو. اهو به ٿي سگهي ٿو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال سان ملڪ اندر روايتي انداز واري چونڊ ڌانڌلي جي جاءِ تي  ڌانڌلي جا نوان طريقا سامهون اچن.    گوگل تي دنيا ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي حوالي سان موجود معلومات کي ڏسجي ته کوڙ حقيقتون سامهون اچي وينديون جن ۾ جرمني جهڙي ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ کي اتان جي عدالت ڪالعدم قرار ڏنو. قزاڪستان، هالينڊ، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي ڇڏي   پراڻي سسٽم تي واپس اچي چڪا آھن

. دنيا جي 200 جي لڳ ڀڳ ملڪن مان جمهوري نظام رکندڙ 8 ملڪ رڳو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي چونڊ ڪرائن ٿا جن ۾ ڀارت   برازيل، اسٽونيا، فلپين، منگولا  جهڙا ملڪ شامل آھن. 9 ملڪ ان سسٽم استعمال ڪرڻ بعد پراڻي سسٽم تي واپس  اچي  چڪا آھن ڪينيڊا، فرانس، جرمني، انڊونيشيا، ملائيشا، روس، اسپين، سوئيڊن، برطانيه سوڌو دنيا جا ترقي يافتا ملڪ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي چونڊون نٿا ڪرائن. حيرت جي ڳالھه اها به آھي ته هر ڀيري ملڪ اندر جن ڌرين تي ڌانڌلي ڪرائڻ جا الزام لڳندا آھن انهن کي ايئن ڪرڻ کان روڪڻ واري ضرورت تي نه حڪومت، نه مخالف ڌر جون پارٽيون ڪجهه به ڪندي نظر پيون اچن جن مٿان چونڊن جي نتيجن تي اثر انداز ٿيڻ جا الزام لڳندا آھن انهي حوالي سان ڪي به قدم کڻڻ بجاءِ چونڊن کي شفاف بنائڻ لاءِ ٻيا قدم کڻڻ ايئن آھي جيئن مٿي ۾ سور هجي ته گوري پيٽ جي سور جي کاڌي وڃي.