نوڪريون نه ٿا ڏيو ته نه ڏيو، کسيو ته نه !

0
308
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

وفاقي حڪومت اسٽيل مل جي نجڪاري لاءِاشتهارجاري ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته پ پ جي دور ۾ڀرتي ٿيل  ملازمن کي عدالتي  حڪم تي برطرف ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ ڪجهه ڏينهن اڳ پ پ دور جي “سيڪڊ ايمپلائيز ايڪٽ” کي رد ڪري ڇڏيو هو.2010 ع ۾ آندل ان ايڪت تحت تقريبن 16 هزار ملازم بحال ڪيا ويا هئا جن کي نواز شريف جي دور ۾ برطرف ڪيو ويو هو .سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ وفاقي ڪابينا جي هدايتن جو انتظار ڪرڻ کانسواءِ ئي وفاقي کاتن سئي گئس ،اي پي پي ،پي ايس او ۽ ٻين ادارن ملازمن جي برطرفي جا نوٽيفيڪيشن به جاري ڪري ڇڏيا هئا، جڏهن ته ڪجهه ادارن اڃان تائين اهي برطرفي جا نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيا هئا، هاڻي وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ انهن جي برطرفين جا نوٽيفيڪشن جاري ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. جڏهن ته برطرف ملازم سپريم ڪورٽ جي انهي فيصلي خلاف اپيل ڪرڻ جون تياري ڪري رهيا آهن جڏهن ته متاثر ملازمن احتجاج به شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پي ٽي آءِ اليڪشن مهم دوران  ڪرپشن ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ جيڪو عوام لاءِ پنهنجو منشور آڏو آندو هو ان ۾ اهو واعدو ڪيو ويو هو ته اها حڪومت ۾ اچڻ سان هڪ ڪروڙ نوجوانن کي نوڪريون فراهم ڪندي ۽ بي گهر ماڻهن ۽گهٽ  پگهار وارن  کي آسان قسطن ۾ 50 لک گهر ڏنا ويندا، پر ڏٺو وڃي ته سڀڪجهه انهي جي ابتڙ ٿي رهيو آهي. ڪورونا جي اچڻ ڪري معيشت کي ڌڪ لڳڻ جو بهانو بڻائي برطرفين جو هڪڙو اهڙو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو و ٺي.سرڪاري ادارن سان گڏوگڏ خانگي شعبن مان به لکن جي تعداد ۾ ماڻهو برطرف ٿي رهيا آهن پر وفاقي حڪومت ماڻهن جو روزگار بچائڻ لاءِ ڪا پاليسي جوڙيندي نظر نه ٿي اچي. پي ٽي  آءِ جڏهن مخالف ڌر ۾ هئي ته اسٽيل مل جي بندش ۽ اتان ملازام ڪڍڻ خلاف پورهيتن سان گڏ احتجاج ۾ شريڪ هوندي هئي ۽ اها دعويٰ ڪندي هئي ته اها حڪومت ۾ اچي انهي اسٽيل مل کي هلائي ڏيکاريندي ۽ ڪنهن به پورهيت کي برطرف نه ڪيو ويندو پر اڄ ٿي ان جي ابتڙ رهيو آهي. اڄ اها ئي پي ٽي آءِ جڏهن حڪومت ۾ آئي آهي ته ان اسٽيل مل جي نجڪاري لاءِ اشتهار جاري ڪرڻ جي تصديق ڪري رهي آهي جڏهن ته پ پ جي صوبائي حڪومت اها گهر ڪري چڪي آهي ته اها اسٽيل مل هلائڻ چاهي ٿي جيڪڏهن وفاقي حڪومت ان کي اهڙي اجازت ڏئي. وفاقي حڪومت جيڪڏهن سمجهي ٿي ته معاشي صورتحال اهڙي بهتر ناهي جو نوڪرين جا نوان موقعا مهيا ڪيا وڃن يا نيون نوڪريون پيدا ڪيون وڃن ته گهٽ ۾ گهٽ جيڪي ماڻهو روزگار سان لڳل آهن انهن کي برطرفي کان بچائڻ لاءِ ته اها ڪي اهڙيون پاليسيون جوڙي جو ماڻهو پنهنجي پراڻي روزگار سان ته لڳل هجن. جڏهن حڪومت پاڻ سمجهي ٿي ته ملڪي معيشت ايتري بهتر ناهي ۽ مهانگائي ڏينهنون ڏينهن وڌي رهي آهي ۽ خانگي شعبي ۾ نوڪرين جا نوان موقعا پيدا نه پيا ٿين ته هي هزارن جي تعداد ۾ بي روزگار ٿيندڙ فوج ڪٿان نوڪريون ڳولي سگهندي، جيڪي سالن کان ادارن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجو سڀڪجهه انهن حوالي ڪري چڪا آهن. اهي رڳو هزارن جي تعداد ۾ ملازم ناهن پر لکن جي تعداد ۾ انهن جا گهر ڀاتي ۽ لاڳاپيل ماڻهو آهن جن جي گذرسفر جا وسيلا بند ٿي ويندا .

اسان سمجهون ٿا ته حڪومت جو ملازمن کي برطرف ڪرڻ لاءِ عدالتي حڪم تي عمل ڪرڻ جو اعلان ڪنهن به ريت مناسب ناهي ۽ اسٽيل مل جي نجڪاري جو فيصلو به وڌيڪ هزارين ملازمن کي بيروزگار ڪندو. تنهن ڪري حڪومت پنهنجي ٻنهي فيصلن تي نظر ثاني ڪري ملازمن جي حمايت ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪري جيئن هزارين ملازم ۽ انهن جا خاندان بک ۽ بدحالي کان بچي سگهن.