اليڪشن ڪميشن وفاقي وزيرن فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

0
175
نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا
اليڪشن ڪميشن وفاقي وزيرن فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

اليڪشن ڪميشن وفاقي وزيرن فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

اسيپيشل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ظفر اقبال ملڪ جي سربراهي ۾ وفاقي وزيرن جي لڳايل الزامن تي اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس ٿيو.

اليڪشن ڪميشن جَي اجلاس دوران پيمرا وفاقي وزيرن جَي الزامن تي ٻڌل وڊيوز پيش ڪيون، وڊيوز جو تفصيلي جائزو وٺڻ کانپوءِ ٻنهي وفاقي وزيرن  فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کي نوٽيس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن وفاقي وزيرن فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، جن ۾ اليڪشن ڪميشن تي لڳايل الزامن جا ثبوت ۽ جواب گهريو آهي.

واضح رهي ته ، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين وارَي معاملي تي ڄاڻايل وفاقي وزير فواد چوڌريءَ ۽ اعظم سواتيءَ اليڪشن ڪميشن مٿان سنگين الزام لڳايا هئا.