لاهور: پگهار گھرڻ تان مالڪ ملازم تي تيزاب اڇلائي ڇڏيو

0
914
تيزاب اڇلائي ڇڏيو

لاهور جي نشتر ڪالوني واري علائقي ۾ مالڪ پگهار گھرڻ دوران ملازم تي تيزاب اڇلائي ڇڏيو.

پوليس موجب 55 سالن جو اسحاق ڪارخاني ياسين کان پگهار گھرڻ لاءِ ويو ھو جتي ڪارخاني جي مالڪ ياسين اسحاق تي تيزاب اڇلايو، جنهن سان اسحاق جو منهن ۽ جسم خراب ٿي ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي شخص کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته خارخاني مالڪ ياسين عرف پپو خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.