ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي درخواست تي مڪاني چونڊ ملتوي ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي ڪنور نويد جي درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ريمارڪس ڏيندي چيو ته سڀاڻي ريگيولر بينچ ٻڌڻي ڪندي، اسان ڪو به حڪم جاري نٿا ڪري سگهون، عدالت وڌيڪ ٻڌڻي اڄ 10 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ايم ڪيو ايم وڪيل جو چوڻ هو ته  مڪاني چونڊن جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ وقت اليڪشن ڪميشن جو ڪورم پورو نه هو، اهڙي صورت ۾ جاري ٿيل نوٽيفڪيشن غير قانوني آهي، واضح رهي ته چيف جسٽس ايم ڪيو ايم جي فل بينچ جوڙڻ جي درخواست به رد ڪري ڇڏي هئي، هوڏانهن ايم ڪيو ايم اليڪشن ڪميشن جي 15جنوري تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ واري فيصلي جي رد عمل ۾ چيو ويوآهي ته اليڪشن ڪميشن پاران انصاف جي تقاضا پوري ناهي ڪئي وئي، ترجمان موجب شفاف ۽ غيرجانبداراليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، جعلي تڪبندين سبب شهري سنڌ جي آبادي حقيقي نمائندگي کان محروم آهي، ترجمان جو چوڻ هو ته مهاجرن ۽ سنڌ جي شهري علائقن جي نمائندگي جعلي طريقي سان کسڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. جنهن اليڪشن ۾ جعلي تڪبندين ۽ جعلي ووٽر لسٽن ذريعي ڌانڌلي ٿئي، انهي اليڪشن کي ڪنهن به صورت ۾ تسليم نه ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن جي اهڙي تعصبي فيصلي خلاف عدالت جو در کڙڪايو ويندو. عدالتن مان به انصاف نه مليو ته فيصلو عوامي عدالت فيصلو ڪندي