اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ بلدياتي چونڊون شيڊول مطابق 15 جنوري تي ڪرائڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٻٽي ووٽر لسٽ تي چونڊون ٿيڻ بابت ايم ڪيو ايم جو موقف رد ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن ۾ ٻن ووٽر لسٽن جي گڏ استعمال جي مامري تي اليڪشن ڪميشن ايم ڪيو ايم جي درخواست تي محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ فيصلو ٻڌائيندي ايم ڪيو ايم جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، ايم ڪيو ايم درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته چونڊن ۾ گڏ ٻه ووٽر لسٽون استعمال ٿي رهيون آهن، ايم ڪيو ايم درخواست ڪئي هئي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ بلدياتي چونڊون نئين ووٽر لسٽ تحت ڪرايون وڃن، چيف اليڪشن ڪمشنر ٻڌڻي دوران چيو هو ته چونڊن ۾ ٻه ووٽر لسٽون گڏ استعمال نه پيون ٿين، اليڪشن ڪميشن جماعت اسلامي جي درخواست منظور ڪندي چيو آهي ته انتظاميا ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾بلدياتي چونڊون  15 جنوري تي ٿيڻ کي يقيني بڻائي، جماعت اسلامي درخواست ڏني هئي ته بلدياتي چونڊون شيڊول مطابق 15 جنوري تي ڪرايون وڃن. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن حساس پولنگ اسٽيشنز ٻاهران فوج ۽ رينجرز مقرر ڪرڻ لاءِ وفاق کي خط لکي ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن گهرو سيڪريٽري کي خط لکي سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ حساس پولنگز ٻاهران فوج ۽ رينجرز مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، اليڪشن ڪميشن خط ۾ چيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 15 جنوري تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ حساس پولنگ اسٽيشنز ٻاهران فوج ۽ رينجرز کي ڪوئيڪ ريسپانس فورس طور مقرر ڪيو وڃي، جيئن ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي روڪي سگهجي.