ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعاتواري وزير شرجيل انعام ميمڻ عمران خان کي پاڪستان جو سڀ کان وڏو ڪوڙو ۽ منافق شخص قرار ڏيندي سياسي انجنيئرنگ ذريعي مختلف ماڻهن کي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ڪرڻ وارن الزامن کي به رد ڪري ڇڏيو، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن  چيو ته  عمران خان عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ نئون بيانيو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هن گذريل ڏينهن الزام هنيو هو ته سياسي انجنيئرنگ ذريعي ماڻهن کي مختلف هنڌن کان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ فون اچي رهيا آهن، جيڪي سراسر بي بنياد ۽ ڪوڙيون ڳالهيون آهن، هن چيو ته اصل ۾ لاهور جلسي ذريعي عمران خان جي سياست کي پوليٽيڪل انجنيئرنگ ذريعي اڀاريو ويو،   2018ع ۾ بدترين ڌانڌلي ڪري کيس وزيراعظم بڻايو ويو، اهو شخص اڄڪلهه وري پوليٽيڪل انجنيئرنگ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي.  هن چيو ته اليڪشن ڪميشن 15 جنوري تي مڪاني چونڊن جو فيصلو ڪيو آهي،سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي مڪمل طور تي قبول ڪري ٿي ۽ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته متحده اتحادي جماعت آهي، انهن جون جيتريون به شڪايتون هيون، انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ٻئي طرف سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ لاڳاپيل اختيارين کي 43 پيپلز بسن جي خريداري لاءِ تڪڙا اپاءُ وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ پيپلز بس سروس جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پيپلز بسن جي خريداري ۽ روٽ وڌائڻ تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ 50 اليڪٽرڪ بسن جي روٽ بابت به غور ويچار ڪيو ويو، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته سنڌ ڪابينا ڪراچي لاءِ  وڌيڪ پيپلز بسن جي خريداري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي هاڻي بسن جي خريداري واري عمل کي تيز ڪيو وڃي. صوبائي وزير لاڳاپيل اختيارين کي اها به هدايت ڪئي ته شهر ۾ اليڪٽرڪ بسن جي سروس به فوري طور تي شروع ڪئي وڃي.