الله تعاليٰ تڪبر ۽ فساد ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري: حج خطبو

0
489

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) حج جي رڪن اعظم وقوف عرفه جي ادائگي، مسجد نمره ۾ خطبي دوران شيخ بندر بن عبدالعزيز چيو آهي ته الله تعاليٰ تڪبر ۽ فساد ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري، والدين ۽ پاڙيسرين سان ڀلائي ڪريو، يتيم، مسڪين ۽ ڪمزور ماڻهن سان نيڪي ڪريو، نفرت ۽ ويڇائن کي ختم ڪرڻو پوندو، الله تعاليٰ ڪنهن جي عبادت ضايع نه ڪندو، معاشري ۾ برابري قائم ڪريو، پاڻ ۾ نفرت کي ختم ڪريو، الله جي رضا لاءِ ھڪٻئي کي معاف ڪريو.