حج مسلمانن جي جمعيت جو بيمثال نمونو!
حج جي حقيقت خدا جي رحمتن ۽ برڪتن جي مرڪز بيت الله شريف جي زيارت ۽ طواف ڪرڻ ۽ رب تعاليٰ جي پيغمبرن حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي ڏنل قربانيءَ جي رُوح کي زندهه ڪرڻ ۽ اُن ابتدائي دور ۾ اڻ سبيل لباس پائي جنهن انداز سان الله جا نبي سڳورا “لبيڪ اللهم لبيڪ” جون صدائون بلند ڪندا حرمت واري شهر مڪي ۾ حاضر ٿيا هئا اڄ به پانڌيئڙا ان سنت کي ادا ڪندي احرام پائي ڊوڙندا دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪهي اچي حج جي ادائيگي لاءِ مڪي ۾ حاضر ٿيندا آهن. ملت ابراهيمي جي دعوت ۽ دين محمدي جي ابدي پيغام جنهن طريقي سان هزارين سال پهرين دنيا جي سامهون اسلامي وحدت جو خاڪو پيش ڪيو هو، ان موجب اڄ به رنگ، نسل ۽ لساني ۽ جاگرافيائي اختلافن باوجود دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مڪي شريف ۾ مسلمان هڪ حال ۾ گڏ ٿيندا آهن. مڪي ۾ هڪ ئي وقت لکين پانڌيئڙا گڏ ٿي اتحاد ۽ ٻڌيءَ جو بيمثال نمونو پيش ڪندا آهن، جنهن ۾ مسلمان هر قسم جي تڪليفن ۽ ڏکيائين کي منهن ڏيندي دريائن، جبلن، جهنگن جھرن کي لتاڙيندي گڏ ٿيندا آهن ۽ هڪ ٻئي جي ڏکن، غمن ۽ حال احوال کان واقف ٿيندا آهن، جنهن وسيلي معاشرتي ايڪائي ۽ اتحاد اتفاق جو درس سموري دنيا کي ملندو آهي. حج جي مرڪزيت جو ئي اهو فيض آهي جو اسلامي فتحن وسيلي دنيا جي گولي تي ڦيليل اسلامي علائقن جا عالم فقيه محدث حج جي حجوم ۾ گڏ ٿي پنهنجي تصنيفن جو تعارف ڪرائيندا هئا، پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ مجلسون منعقند ڪندا هئا، جنهن سان اسلامي تصنيفن جي ترويج ۽ اشاعت عالمي سطح ٿيندي هئي. اڄ اسان وٽ موجود تفسيرن، حديثن ۽ فقهي ڪتابن جو ذخيرو ان حج جي مرڪزيت ۽ اجتماعيت جو اثر آهي. مطلب حج اسلام جي بنيادي رڪنن مان اهم رڪن ۽ عبادت آهي، جنهن ذريعي رب جي گهر ۾ حاضر ٿي بندگي بجا آڻڻ ۽ پنهنجن پيغمبرن جي پيروي ڪرڻ جي پيغام سان گڏ انساني زندگي جي انهن اهم رخن تي غور ڪرڻ جي دعوت ڏيندو آهي، جن سان انفرادي توڙي اجتماعي زندگيءَ تي تمام گهرا اثر پوندا آهن، جيڪي اصول هڪ مثالي زندگي ۽ معاشري لاءِ تمام ضروري ۽ لازم آهن.
عتيق الرحمان لاکو/مير شاهه محمد ڪالوني، ٽنڊو الهيار
عيد آئي آ بشير جاني موٽي آ!
تنهنجي ﻣﺤﺒﺖ ﺟﻮ ڏيئو ﺍﭸﺎ دل ۾ ٻري ﭤﻮ ﭘﻴﻮ، ﻫﻲ رسي گرم هوائون ان ڪﻨﻮل ﺟﻲ ﮔﻞ ﮐﻲ ﭘﺎﺗﺎر ﮐﺎن ﭘﺮي ڪﺮي نٿيون ﺳﮕﻬﻦ! محبت زندگي جو ڏيئو آهي، اهڙو ڏيئو جيڪو وسامي نٿو سگهي، جي وساميون ته هر طرف ڪاري رات ٿي ويندي، ها ڪائنات ۾ محبت جون حسناڪون، رﻧﮕﻴﻦ محفلون ۽ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﺎ ﻣﻴڙاڪﺎ مون ﮐﻲ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﺸﻨﮕﻲ ﮐﺎن دور ڪﺮڻ ﺟﻲ سگھ ﻧﭥﻴﻮن رﮐﻦ، پر وڇوڙا وڏا الميا پيدا ڪندا آهن، ڪڏهن ته دل جي قلندري کان ٿي وڃ، ڪڏهن ته من اندر ٺهيل محبت جو قلعو ڏسي وڃ، ڪو ته ديپ ٻاري وڃ، جيڪو توکان پوءِ ٻريو ئي ناهي، سڀ ڪجهه وساميل ٿو لڳي، سڀ ڪجهه پنهنجو وجود ئي وڃائي چڪو آهي! ادا موٽي آ، وري ڪي عيدون ڪيون، توکان پوءِ عيد ڪئي ئي ناهي. اسان جي اڱڻ تي شايد عيد جو خيال ئي ناهي رهيو، اسان وٽ ته عيد آئي ئي ناهي، اسان جون عيدون اوهان سان سلهاڙيل آهن، محبوب موٽڻ جي ڪر وري ڪا شمع جلايون وري ڪا محفل رچايون، وري ڪا خوشي ملهايون، توکان سواءِ ڪا خوشي اهميت ئي نٿي رکي، سڀ ڪجهه پنهنجي اهميت وڃائي چڪو آهي، راڻل موٽڻ جي ڪا ورندي ته ڏي، سڀ توکي پيا سڏين، تنهنجو راهون پيا نهارين، گس، رستا پيا ڏسن، موٽڻ جي ڪر بشير توکان سواءِ سڄو سنسار اونداهو ٿو لڳي، اکين کان نور هليو ويو آ، هٿن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، سڀ گمنام راهن جا ڀٽڪيل مسافر بڻجي چڪا آهن انهن کي ڪو سهارو ته ڏئي. انهن کي وسريل گس، پيچرا ته ڏس. هر اک آلي آ، گهر، ڀتيون ويران پيون لڳن، سڀ تنهنجا منتظر آهن موٽي اچ، وري ڪو نئون جهان جوڙجي وري ڪا نئين دنيا آباد ڪجي، وري ڪا تنهنجي هٿن تي ميندي لائجي، لاڏا ڳائجن، شرنايون وڄائجن، توکان سواءِ مينديون، لاڏا، ڳانا بي معني ٿا لڳن، ڇو جو سڀ ڪجهه توسان سلهاڙيل آهي، سڀ خوشين جو تعلق توسان آهي.
ساقي نديم شر/ ٺري ميرواهه، خيرپور
ڪڪڙ جو مهانگو گوشت وڪرو ڪندڙن خلاف نوٽيس وٺو!
ڪالهه کان وٺي ملڪ جي مختلف حصن ۾ 200 کان گهٽ مرغي جو گوشت وڪرو ٿي رهيو آهي ۽ نوشهروفيروز ضلعي ۾ مرغي جو گوشت 180 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته اسان جي شهر ڪلهوڙا اسٽيشن ۾ مرغي جو گوشت 350 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿي رھيو آھي، جيڪو ناقابل معافي آهي، انھن ماڻھن کي نه آخرت جو خوف آھي نه ڪنھن قانون جو ڊپ، اسان ضلعي انتظاميا، ڊپٽي ڪمشنر کي مودباڻي گذارش ٿا ڪريون ته هو جلد کان جلد ان جو نوٽيس وٺي انھن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ جيڪو به مرغي فروش وڌيڪ اگھه تي ڪڪڙ جو گوسٽ وڪرو ٿي رهيو آهي يا جيڪو اگھه حڪومت جي طرف کان مقرر ڪيو ويو آھي ان ئي اگھه تي ڪڪڙ جو گوسٽ وڪرو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.
عمير احمد/ڳوٺ دوست محمد صدر، ڪلھوڙا اسٽيشن
هاري نقلي ڀاڻ ۽ دوائون خريد ڪرڻ کان پاسو ڪن!
ڳڙھي حسن جي آسپاس آبادگارن ۽ هارين کي کپي ته نقلي ڀاڻ ۽ زرعي دوائون خريد ڪرڻ کان ھوشيار رھن، ڪجھ ڊيلر گهڻي منافعي ۽ لالچ جي ڪري نقلي ڀاڻ ۽ نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪري رهيا آھن، اصل ان ۾ آبادگارن ۽ هارين کي ڪروڙيون رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. ڪمپني وارا ايڏا ته هوشيار ۽ مڪار آھن جيڪي شيون اصل آھن ان جهڙي ساڳيو هڪ نقل به تيار ڪندا آھن، ڪيترن ئي هارين ۽ آبادگارن جي سمجھ کان ٻاھر هوندو آھي ته نقلي ۽ اصل ڪهڙي شيءِ آهي. شيون انهن دڪاندارن ۽ ڊيلرن کي وٺڻ کپن جيڪي اعتماد وارا ھجن، جنھن تي ڀروسو هجي. آبادگارن ۽ هارين کي گهرجي ته اصلي شيون خريد ڪري فصل کي تباهي کان بچائين ته جيئن فصل سٺي ايوريج ڏين.
محمد صديق کوسو/ڳڙھي حسن، دوڙ
خطي جي بدلجندڙ صورتحال ۽ سنڌ!
نائين اليون واري واقعي کان پوءِ جن ملڪن سڀ کان وڌيڪ دھشتگردي خلاف ويڙھ ڪئي ۽ جنگي صورتحال کي منهن ڏنو، انهن ۾ افغانستان ۽ پاڪستان سرفھرست آهن، ڇاڪاڻ ته جڏهن افغانستان ۾ دھشتگردي ۽ پرتشدد واقعا ٿين ٿا ته انھن جو اثر پاڪستان تي پڻ پوي ٿو، ان ڪري تازو جڏهن آمريڪا پنهنجي فوج سميت سمورين اتحادي فوجن جي افغان سرزمين ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي تنهن کان پوءِ پاڪستان سميت ٻين افغان پاڙيسري ملڪن کي خدشو ھو ته ھاڻ افغانستان ۾ گھرو ويڙھ ٿيندي ۽ صورتحال ڪجهه اھڙي ئي ٿيندي پئي وڃي. ھن وقت به افغان فوج ۽ طالبان وچ ۾ چڪريون جاري آهن، طالبان پاران اھا دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته ھنن افغانستان جي ڪيترن ئي اهم علائقن تي قبضو ڪري ورتو آهي. پرتشدد واقعن ۾ پڻ واڌ ٿي چڪي آهي، افغانستان ۾ گذريل ٻن ڏھاڪن جي جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ افغاني عوام ئي ڀوڳيو آهي، ان ڪري پاڪستان، روس، ايران ۽ چين سميت سڀني ملڪن جي ڪوشش آهي ته افغانستان ۾ حڪومت افغاني عوام جي مرضي موجب ئي قائم ٿئي. ٻئي پاسي افغان حڪومت ۽ طالبان سميت سمورن افغان هٿياربند ڌڙن ۾ ڪيتري ئي عرصي کان امن لاءِ ڳالهيون پڻ ھلندڙ آهن پر اڃا تائين افغانستان ۾ دھشتگردي ۽ پرتشدد واقعن ۾ گھٽتائي توڙي امن قائم ٿيڻ جي ڪا اميد نظر نه پئي اچي، ھن صورتحال ۾ وڌيڪ افغان پناھگير پاڪستان اچڻ جو خدشو آهي، جن جو رخ سنڌ ڏانهن هوندو ۽ انهن پناھگيرن جي آخري منزل سنڌ ئي ھوندي پر سنڌ ھاڻ وڌيڪ پناھگيرن جو بار نٿي کڻي سگهي، تنھن ڪري افغان پناھگيرن کي افغان سرحد جي ڀروارن علائقن ۾ ئي ڪئمپن ۾ رھايو وڃي ته بھتر رھندو.
آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ 
ڪورونا جا قهر!
ڪورونا اڳ هڪ رنگ جي ڪمپني جو نالو هو، ماڻهو پنهنجي گھرن کي پينٽ ڪرائيندا هئا، اوچتو هي نالو هڪ وائرس جي نالي سان ظاهر ٿيو، ڪووڊ 19 جنهن کي عام ٻولي ۾ ڪورونا چيو ٿو وڃي، هن جي اچڻ سان اسان جي هن ڌرتي تي وڏا قهر ٿيا، لکين ماڻهو موت جي ننڍ سمهي رهيا، ڪيترن ئي گھرن ۾ ماتم برپا ٿيو، هن وائرس جون ٽي لهرون آيون، هاڻي چوٿين لهر آيل آهي. چون ٿا ته جيڪو هي وائرس آيو آهي اهو اڳ واري وائرس کان خطرناڪ به آهي. اهو وائرس ڇو ٿو پکڙجي، ان ۾ اسان جون غلطيون شامل آهن، اسان ڪنهن به قسم جو احتياط نٿا ڪريون. احساس ڪفالت سينٽر جيڪي هلي رهيا آهن اتي عورتون ميڙ ڪري بيٺيون هونديون آهن، ماسڪ جو نالو نشان به ناهي هوندو، اتي ڪنهن به قسم جي سختي نه هوندي آهي. هن وقت ويڪسينيشن ٿي رهي آهي پر ماڻهن جي دلين ۾ خوف ويهي رهيو آهي جو اهي ويڪسين ڪرائڻ لاءِ تيار ناهن. جنهن ۾ اهم ڪردار سوشل ميڊيا جو آهي، جنهن تي مختلف ويڊيو هلنديون آهن، جو ماڻهن کي خوف دل جي ۾ ويهي رهيو آهي، اهي ويڪسين ڪرائڻ کان ايئن ڀڄن ٿا جيئن ڪنجو پاڪيءَ کان. ڪورونا جي ڪري لاڪ ڊائون لڳي ٿو، دڪان بند ٿين ٿا، ماڻهن جو روزگار بند ٿيو وڃي، خاص ڪري مسئلو ننڍن دڪاندارن سان آهي، جن جو روزگار بند ٿيو وڃي، اهي پريشان آهن، انهن سان اها حالت هوندي آهي ته هڪ ويلو کائيندا آهن ٻئي ويلي لاءِ واجھائيندا آهن، انهن جي ڪنهن به قسم جي مدد نه ٿي آهي، جنهن ڪري انهن کي هاڻ عيدون به وسري ويون آهن. ٻيو وڏو نقصان اسان جي تعليم جو ٿيو آهي، جو اسڪول تعليمي ادار بند رهيا آهن، ٻارن جي تعليم تي خراب اثر پيو آهي، اڳ اها ڳالهه پڙهي هئيسين ته جنهن قوم کي تباهه ڪرڻو هجي ان جي تعليم ختم ڪريو. هاڻ اسان جي تعليم ختم ٿي رهي آهي، ٻار اسڪول کان پري گھمندي وقت پيا گذارين، جيڪڏهن اسان هن کان بچاءُ نه ڪيو ته اهو وائرس جھر جھنگ ۾ پکڙجي ويندو، پوءِ هن کي روڪڻ ڏکيو آهي، جنهن ڪري اسان کي گھرجي ته پنهنجو بچاءُ ڪريون ايس پي اوز تي عمل ڪريون پنهنجي ويڪسين ڪرايون.
خادم گھراڻو/ٽنڊوالهيار
انصاف جي اميد ته ناهي، اپيل جو حق ته رکون ٿا!
قاضي احمد لڳ ڳوٺ لونگ کوسو ۾ پوليس چڙھائي ڪري سرڪاري ملازم غلام مصطفيٰ کوسو ۽ سندس نوجوان پٽ جيڪو سنڌ يونيورسٽي ۾ ٻئي سال جو شاگرد آهي ۽ ٻين ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري کين ڪوڙن ڪيسن ۾ لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي ۽ پوليس ھر ماڻھو کان واقف ھوندي آھي ته ڪير ڏوھي ۽ ڪير بيگناھ آھي پر تنھن ھوندي به پوليس ڳوٺ جي نيڪ مرد غلام مصطفيٰ ۽ سندس پٽ کي گرفتار ڪري ونگار وھڻ جا ثبوت ڏنا آھن ۽ جيڪڏھن ڳوٺ ۾ ٻيا ڪي ڏوھي ماڻھو آھن، ھنن جي به پوليس خبروار ھوندي جيئن پوليس ھڪ بيڏوھي ماڻھو کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي، ايئن ئي ڏوھي ماڻھن کي به گرفتار ڪري سگھي ٿي پر پوليس پنھنجي صحيح ڪم ڪرڻ ۾ دلچسپي نه وٺندي ۽ شريف ماڻھن جي گھرن ۾ ڇاپا ھڻي ننڍ ستلن کي گھر مان گرفتار ڪري کين صبح جو تصويرون ڪڍي صحافين حوالي ڪري ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ٿي، جيڪا اھا پوليس کاتي جي پراڻي روايت آھي. ان روايت کي ٽوڙڻ لاءِ ان علائقي جا چونڊيل نمائندا ئي پنھنجو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا، جيڪا پوليس کي ڊگھو رسو ڏئي بيڏوھي ماڻھو جي ساک کي متاثر ڪن ٿا ۽ انھن کان پڇاڻو ڪري سگھن ٿا. ڪھڙن ثبوتن تحت غلام مصطفيٰ ۽ سندس پٽ کي گرفتار ڪيو ويو آھي؟ پر اھي نمائندا الائي ڇو چپ جو روضو رکيو ويٺا آھن. ھڪ ڳالھ تڪ جي ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي به ياد رکڻ گھرجي ته ڳوٺ لونگ کوسو جي ڳوٺاڻن ۽ غلام مصطفيٰ کوسو ھر اليڪشن ۾ اوھان جي پارٽي سان بيٺا ھوندا آھن ۽ اوھان جا ووٽر آھن ۽ ھر ڀيري ايم پي اي صاحب به ھن ڳوٺ سان نڀايو آھي، پر الائي ڇو ھن ڀيري اھا ڪھڙي طاقتور ڌر آھي جنھن ڪري غلام مصطفيٰ کي رات جي پھر ۾ گرفتار ڪري ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ لاڪپ ڪيو ويو آھي. اوھان کي گذارش ٿا ڪيون ته پوليس جي ھن ناانصافي تي اسان ڳوٺ وارن کي انصاف ڏياري ۽ ڳوٺ ٻاھران پوليس مختلف وقتن کي گشت ڪري، اسان ۾ خوف ۽ حراسان پيدا ڪري رھي آھي، پوليس جي ھن عمل کي ختم ڪيو وڃي.
ساجد اقبال/ قاضي احمد
ڪن جا بکيا ٻچا ڪن جي ڪتن لاءِ ھوٽلون!
ڪالھ ھڪ غير ملڪي خبر تي نظر پئي، ته ان ملڪ ۾ ڪتن لاءِ ھڪ الڳ ھوٽل کوليو ويو آهي، ڪجهه گھڙيون ته دماغ ٺڪاڻي تي نه ھو، اسان جا مارو ماڻهو ۽ انهن جا ابهم ٻار جن کي نه کائڻ لاءِ ڪجهه آهي نه پھرڻ لاءِ ڪجهه  آهي، ھتي جانورن تي نوازشون ڪيون پيون وڃن. ھتي پيٽ بکايل ٻارن تي ظلمپ پيو ڪيو وڃي، ان لاءِ اسان مان ڪير ذميوار آهي، ڪنھن تي ڏوهه ڏجي؟ ھزار سالن جي تاريخ رکندڙ قوم جيڪا اڄ سڀ کان پويان رھجي وئي آهي، جنهن، قوم تي دنيا کي فخر آهي، اھا اڄ ڪھڙي حالت مان گذري رهي آهي، جتي نه ڍنگ جي تعليم آهي نه معيار آهي، نه اٿڻ ويھڻ جو ڪو سليقو آهي، جنهن سان دنيا سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي سگهجي. اسان پنهنجي نئين نسل کي  ڪھڙو سبق ڏئي رھيا آھيون؟ خدارا اچو ته پنهنجي ايندر نئين نسل بابت ڪجهه سوچون.
امر کتري/ ٽنڊو باگو
گورنمينٽ پرائمري اسڪول خليفو آگيڏنو شاهه کي عمارت ڏيو!
گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول خليفو آگيڏنو شاهه ٻيٽ ٻيلو سيمسز ڪوڊ نمبر #404080109# کي 16.04.1964ع ۾ اسڪول جي عمارت ڏني وئي هئي. جيڪا 2010ع واري مها ٻوڏ ۾ مڪمل ڪري تباهه ٿي وئي. ان کان پوءِ معصوم گلن جهڙا ٻارڙا کلئي آسمان هيٺ تعليم پرائي رهيا آهن. 11 سال مڪمل گذرڻ باوجود به تعليم کاتي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول خليفو آگيڏنو شاهه جي سار ناهي لڌي آهي. اسان ضلعي سجاول جي بالا آفيسرن ۽ چونڊيل نمائندن کي بار بار چيو آهي ۽ لکت ۾ به ڏنو آهي پر ڪو به ان اهم مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. ضلعي ٺٽي ۽ سجاول ۾ ٿيل کليل ڪچهرين ۾ تعليم جي وزير سعد غني ۽ جام شبير خان بجاراڻي کي لکت ۾ به ڏنو ۽ روبرو به چيو پر اڃا تائين اسڪول جي عمارت نه ملڻ ڪري معصوم شاگرد کلئي آسمان هيٺ تعليم پرائي رهيا آهن. اسان وزير اعليٰ سنڌ ۽ تعليم جي وزير کان اهو مطالبو ٿا ڪريون ته گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول خليفو آگيڏنو شاهه ٻيٽ ٻيلو کي جلد کان جلد اسڪول جي عمارت ڏني وڃي ته جيئن معصوم شاگردن کي سردي ۽ سخت گرمي جي موسم ۾ پريشانين کي منهن نه ڏيڻو پوي. ٻي صورت ۾ ڊي سي آفيس سجاول ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول
جھڳي اسان جي ڪکن پنن جي!‎‎
سانوڻ جي موسم جي آمد سان برسات جا وسڪارا شروع ٿي چڪا ھئا، ھڪ ته آسمان جا انڊلٺي رنگ وڏي رونق بخشي رھيا ھئا پر دنيا ۾ موجود زمين تي رھندڙ پکي پکڻ سڀ لطف اندوز ٿي رھيا ھئا، خوشحال گھراڻن جا ٻڍا ٻار توڙي نوجوانن پاران برسات جي موسم ۾ وڌيڪ مزو وٺڻ لاءِ چٽ پٽا ۽ لذيذ کاڌا کائڻ لاءِ مختلف ھوٽلن ڏانھن ويندڙ روڊن تي قطارون ڏسڻ ۾ اچي رھيون ھيون، امير گھراڻن سان تعلق رکندڙ ٻارڙا معصومڙا چڍيون پائي پڪي فرش تي برساتي پاڻي ۾ نچي رھيا ھئا. سڀئي رنگ ڏسندي ڏسندي قدرت جا عجيب ڪرشما ڏسندي اوچتو ھڪڙي غريباڻي جھريل جھوپڙيءَ تي نظر پئي جيڪا برسات ۾ مڪمل جھري چڪي ھئي. ھڪڙو پوڙھو شخص جنھن جون اکيون ڏرا ڏنل ھيون ھٿ پير ڄڻ باھ ۾ اڳ ئي پچيل ھيس، جنھن جھوپڙي جي ٻاھران اھو ھمراھ مٿي تي ھٿ رکي اندر ۾ ڌڏي رھيو ھو، جھوپڙي جھورڻ توڙي سڄي برسات کلي آسمان ھيٺان وسائڻ ڪري معصوم ٻارڙا ڏڪندي ماني جي صدا ھڻي رھيا ھئا. پاسي ۾ ٺھيل بنگلي جي ٻاھران ڪنھن صاحب جي رکيل نوڪر پاران صاحب جي ڪتن لاءِ آندل ڪچو گوشت ڪتا کائي رھيا ھئا.
رياض امر ٻجورو/سجاول
ڏھيسر سنڌ سردار ممتاز ڀٽو به موڪلائي ويو!‎‎
سنڌ ھميشه جوڌن سرويچن ۽ سرواڻن کي جنم ڏنو آھي، انھن ڏھيسرن مان سردار ممتاز ڀٽو به ھڪ هو، سياسي ميدان ۾ ڪڏھن به جھڪيو ۽ سينئير سياستدانن مان ھو. سنڌ جي وڏي وزير جون به خدمتون انجام ڏنائين، جڏھن ته مھاجرن جو مارا ماري ۽ اڀرڻ وارو دور ھو پر ممتاز ڀٽو انھن کي نڪ ۾ ناڪيلي وجھي اهڙو ته سبق سيکارو جو هو صدين تائين ياد رکندا، سندن مائرون پنھنجن ٻارڙن کي چونديون ته چپ ڪر ممتاز آ رھا هي، سندس تعلق فرنٽ سان ھو، پاڪستان پيپلز پارٽي ڪيتريون ئي آڇون ڏنس پر هن نه مڃيو، سياستدانن مان مڃيل سياستدان ھو ۽ سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي سان سندس تعلق هو، پنھنجي پارٽيءَ جو چئيرمين ھو ۽ سنڌ جي حقن جي لاءِ وڙھيو، ڊگھو عرصو بيمار رھڻ کان پوءِ هو وڄي حقيقي مالڪ سان مليو. رب پاڪ سردار ممتاز ڀٽو جي پونيئرن کي صبر جي تلقين فرمائي ۽ مرحوم سينئير سياستدان سردار ممتاز ڀٽو کي جنت الفردوس ۾ جاءِ نصيب فرمائي. سندس خدمتون سنڌ جي لاءِ اڻ وسرندڙ آھن.
گھوڙن ۽ گھوٽن جيئن ٿورڙا ڏينھڙا،
ڪڏھن منجھ ڪوٽن، ڪڏھن راھي رڻ جا.
شفيق حسين وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ 
تعلقي صوڀو ديرو جي سار ڪير لهندو؟
صوڀو ديرو تعلقو اصل کان ئي يتيم تعلقو رهيو آھي، جن جي سار لهڻ آفيسرن جو ڪم آھي پر هن تعلقي ۾ آفيسر ته اچڻ لاءِ تيار ئي ناھن. صوڀو ديرو تعلقي هيڊڪوارٽر جو شهر آھي، جنهن کي تعلقو ٿئي 30 سالن کان مٿي عرصو گذري چڪو آھي، روڊ، ڊرينيج سسٽم، صفائي سٿرائي جو نظام، بجلي جي لوڊشيڊنگ، گئس جي لوڊشيڊنگ سميت مختلف ٻين مسئلن جي فهرست لکڻ کان وڌيڪ به آھي پر ايئن کڻي چئجي ته اهو ڪهڙو مسئلو ناھي جنهن جو وجود صوڀوديرو ۾ نه آهي. پنهنجي مدد پاڻ تحت مختلف آفيسون پڻ کولرايون ويو آھن، جنهن ۾ نادرا آفيس، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام آفيس، ڪورٽ جي عمارت لاءِ ڪوششون ورتيونسين. گڏيل ڪوششن سان شهر جي لاءِ پڻ راندين جو ميدان هن بجيٽ ۾ منظور ڪرايو آهي. جانورن جي اسپتال جو فرنيچر وغيره شامل آھي، ان کان سواءِ به ٻيا به ڪافي مسئلا آھن جن جي لاءِ ڪوششن ۾ پڻ رڌل آھيون. چوڻ جو مقصد اهو آھي ته صوڀوديرو خيرپور جو تعلقو آھي، جنهن ۾ مختيارڪار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر کي صوڀوديرو جي آفيس ۾ ويهڻو آھي. ان سلسلي ۾ اخبار ۾ ڪالم ۽ واٽس ايپ ذريعي ڊي سي خيرپور کي اطلاع به ڪيو آھي ته پنهنجي ماتحت آفيسرن کي انهن جي تعلقي هيڊڪوارٽرز ۾ ويهاريو وڃي پر خبر ناهي ته ڊي سي خيرپور ڇو ۽ ڇاجي ڪري ان مسئلي تي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناھي، جي ڊي سي خيرپور صاحب کي ان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ڪا رنڊڪ يا ڏکيائي آھي ته هو اسان سان رابطو ڪري، اسان کان جيڪا مدد ٿي سگهندي سا اسان ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. اسين ڊي سي خيرپور کي عرض ٿا ڪريون ته صوڀوديرو شهر ۾ بڻيل اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس ۽ مختيارڪار آفيس ۾ انهن واسطيدار آفيسرن کي ويهاريو وڃي ۽ عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.
مير عقيل عباس ٽالپر/صوڀوديرو