افغان سفير جي ڌيءَ اغوا نه ٿي هئي، سمورا ٽيڪسي ڊرائيور بي گناهه آهن: شيخ رشيد

0
338
افغان سفير

اسلام آباد: گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته افغان سفير جي ڌيءَ جي واقعي ۾ سموري جاچ مڪمل ڪئي آهي، سفير جي ڌيءَ اغوا نه ٿي هئي، سمورا ٽيڪسي ڊرائيور بي گناهه آهن. پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته هڪ واقعي جي بنياد تي افغان سفير کي واپس نه وڃڻ گهرجي ها، هن چيو ته اغوا جو واقعو نه هوندي به افغان سفير جي درخواست تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو، هاڻ سندن ذميواري آهي ته افغان سفير جي ڌيءَ جاچ جو حصو ٿئي ۽ ڏوهارين جي سڃاڻپ ڪري. هوءَ جن چئن ٽيڪسين ۾ ويٺي سي سمورا ڊرائيور بي گناهه آهن، هن انٽرنيٽ استعمال ڪيو پر اسان کي جيڪا فون ڏني تنهن مان ڊيٽا ڊليٽ ڪئي وئي هئي. شيخ رشيد چيو ته هڪ سازش تحت پاڪستان کي بدنام ڪرڻ لاءِ هائبرڊ وار کي تيز ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ڪشمير ۾ پي ٽي آءِ چونڊ کٽيندي، مريم نواز کي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ جو شوق آهي ته ڀلي پورو ڪري.