ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستاني گلوڪار فلڪ شير جو خيال آهي ته عورت کي کاڌو پچائڻ اچڻ گهرجي، انسٽاگرام تي اداڪار آغا علي، اداڪارا سارا خان، فلڪ شبير ۽ ٻين ساٿي اداڪارن جي ماضي ۾ نجي ٽي وي جي عيد شور لاءِ ورتل ڪلپ وائرل ٿي وئي آهي. وڊيو ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ فلڪ شبير چوي ٿو ته عورتن کي کاڌو سٺو پچائڻ اچڻ گهرجي، جنهن تي آغا علي چيو ته هر ڇوڪري کي کاڌو پچائڻ اچڻ گهرجي. ان ۾ ڪا به برائي نه آهي. فلڪ چيو ته ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته جيڪڏهن کين کاڌو پچائڻ نه ٿو اچي ته هو ماڊرن آهن. جنهن تي آغا چيو ته پوءِ ڇوڪريون ماڊرن ڊشز پچائين پر پچائڻ اچڻ گهرجي. ساره کان ميزبان سوال ڪيو ته توهان کي ماني پچائڻ ايندي آهي ته هن چيو ته جي ها پچائي وٺندي آهيان.