ڪراچي(ڪورٽ رپورٽر) مشهور ڪاميڊين ۽ اداڪار عمرشريف پنهنجي ملڪيت ٽين زال کي منتقل ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي. هو ڪافي عرصي کان بيمار آهي ۽ کيس وهيل چيئر تي ئي هاءِ ڪورٽ آندو ويو. عمر شريف جي وڪيل جو چوڻ آهي ته سندس اصيل 2016ع ۾ بينڪ کان قرض کني عسڪري فور ۾ اپارٽمينٽ خريد ڪيو هو. هو سخت بيمار آهي کيس ويساري جو مرض آهي، بيماري دوران هن جي ٽين زال زرين غزل ڊسمبر 2020ع ۾ ڊڄي اپارٽمينٽ پنهنجي نالي ڪرائي ورتو. عمرشريف کي خدشو آيه ته هاڻ 11 ڪروڙ رپين جو اهو اپارٽمينٽ زرين غزل وڪرو ڪرڻ چاهي ٿي ان ڪري سندس جوڙايل گفٽ ڊيڊ کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. عدالت ٻڌني بعد فليٽ جو وڪرو روڪڻ جو حڪم ڏيندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ان حوالي سان اسٽيج اداڪارا زرين غزل جو ڪو به موقف سامهون نه آيو آهي.