افغانستان ۾ نئين حڪومت جي قيام لاءِ ڪوششون تيز

0
311

ڪابل: افعانستان ۾ نئين حڪومت جي قيام لاءِ ڪوششون تيز، افغان طالبان جي سياسي سربراهه ملا عبدالغني برادر سوڌو اهم اڳواڻ قنڌار کان ڪابل پهتل آھن، ملا عبدالغني برادر ڪابل ۾ اهم سياسي شخصيتن سان به ملاقاتون ڪندو.

طالبان اڳواڻ ملا احمد الله واسق جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ ڪا به عبوري حڪومت ٺاهڻ جو منصوبو ناهي، حڪومت سازي لاءِ ڳالهيون تيز ڪري ڇڏيون آهن،  طالبان جي سينيئر اڳواڻ وحيد الله هاشمي چيو آهي ته افغانستان ۾ جمهوري نه، پر اسلامي طرِز جي حڪومت هوندي، ملڪ ۾ شرعي نظام لاڳو ڪيو ويندو.