نجي چنا

خالق جوڻيجو صاحب عوامي ورڪرز پارٽي خلاف “نسلي، شريعتي ۽ انگريزن جي پگهاردار“ هجڻ جا الزام هڻندي مضمون پٺيان مضمون لکي رهيو آهي ۽ سندس پارٽي طرفان سوشل ميڊيا تي هڪڙي رٿابنديءَ تحت مھم هلائي پئي وڃي.
جيتوڻيڪ اسان سنڌ اندر سدائين علمي ۽ فڪري تنقيد جي آجيان ڪئي آهي ۽ سياست ۾ جمھوري روين ۽ سھپ واري ماحول کي هٿي وٺرائي آهي ۽ اُنجو ثبوت خود خالق جوڻيجو آهي جيڪو نه رڳو اسان سان اتحادن ۾ شامل رهيو آهي پر اسان جي پروگرامن ۾ اچي اسان تي نظرياتي حملا به ڪري چڪو آهي. جيڪي اسان نظرانداز ڪيا ته جيئن سنڌ اندر سياسي سھپ ۽ رواداري جي گنجائش کي وڌائي جمھوري ڪلچر کي هٿي ڏيارجي. تاريخ جي بحث کي تاريخ تائين محدود رکجي ها ته بھتر هو پر خالق جوڻيجي اُن جي آڙ وٺي پارٽيءَ خلاف ميڊيا ٽرائل شروع ڪيو ۽ ثانوي ۽ ڪجهه بي بنياد ڳالھين کي کڻي سڄي پارٽي کي سواليا نشان بڻايو. ايتريقدر جو، اسلام آباد جي پارٽي ڪامريڊ عاصم سجاد اختر جي مضمون کي به ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو اٿس. ياد رهي ته اُنھن ئي دوستن تازو اسلام آباد ۾ بحريا ٽائون ۽ مقامي ماڻهن جي سوال تي ڪانفرنس سڏائي جنھن ۾ جيئي سنڌ محاذ کي به دعوت ڏني وئي هئي ۽ اُن ٻاهرين آبادڪاري جي مسئلي تي پنھنجو موقف به پيش ڪيو هو.!
خالق جوڻيجو لکي ٿو ته “جي ايم سيد ته نيڪ نيتيءَ سان اڻڄاڻائيءَ ۾ اھا سياست ڪئي جنھن سان انگريز سامراج جي مفادن کي ھٿي ملي جنھن کي ھُن نه رڳو پنھنجي غلطي تسليم ڪيو پر ان جي معافي به ورتي. فيض احمد فيض ته انگريز سامراج جي فوج جو پگهاردار وفادار سپاھي ھو.
ھاڻي اتي ٻه امڪان آھن. يا ته ھُو انگريز فوج جي مقصدن کي درست پيو سمجهي يا ته صرف ڏوڪڙن خاطر سندن خدمت ڪري رھيو ھُو. پوءِ به اھو انقلابي ۽ جي ايم سيد خراب؛ واھه سائين واھه!” “توھان جي پارٽيءَ جو سربراهه فانوس گجر صاحب گجر ذات جي ڪنوينشن جي صدارت ٿو ڪري جنھن ۾ جماعت اسلاميءَ جا عھديدار گجر به اسٽيج تي ويٺا آھن پوءِ به توھان جي سياست عين انقلابي.” “توھان ته ھڪ ئي وقت نسلي تنظيمن جي حمايت به ڪريو ٿا ۽ پاڻ کي مارڪسٽ به چوايو ٿا.” “ھڪ ئي وقت مذھبي بنياد پرستن سان اتحاد به ڪريو ٿا ۽ انقلابي به سڏايو ٿا.” “توھان جي پارٽيءَ جي اسٽيج تي ته اھي به ڳالھيون ٿين ٿيون ته مُلڪ جي سڀني مسئلن جو حل شريعت جي نفاذ ۾ آھي.“
سچ اِهو آهي ته خالق جوڻيجو فڪري نه پر “عملي بي ايماني” پيو ڪري ڇاڪاڻ ته عوامي ورڪرز پارٽي جي قوم ۽ قومي سوال تي چٽائي کان پاڻ چڱي ريت واقف رهيو آهي ۽ اسانجي ئي فورمن تي پاڻ اِهي ڳالھيون ڪندو رهيو آهي. تنھنڪري سوچڻ جي ڳالھه ضرور آهي ته آخر کيس هن وقت اسانجي پارٽيءَ تي حملو ڪرڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي؟
ايس پي سي هڪ نظرياتي اتحاد آهي جيڪو گذريل ڏهاڪو سالن کان سنڌ جي هر ٻرندڙ مسئلي تي پنھنجو عملي ڪردار نڀائيندو پيو اچي. اُن اتحاد ۾ اي ڊبليو پي سنڌ جي مڙني قومي، طبقاتي ۽ جمھوري مسئلن تي سڀ کان اڳڀرو ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. ۽ اِهو پڻ وڌاءُ ناهي ته ويجهي تاريخ ۾ ايڏي عرصي تائين اِن اتحاد جٽاءُ ڪيو آهي اُنجو سبب سھپ ۽ جمھوري رويا آهن.
خالق صاحب شفقت قادري جي مضمون تي تنقيد جي آڙ وٺي عوامي ورڪرز پارٽي خلاف محاذ کڙو ڪيو آهي ۽ اسان سمجهون ٿا ته اُن جا به ڪي سبب ضرور هوندا. خالق صاحب اُن وقت اسانجي پارٽيءَ کي نشانو بنائڻ شروع ڪيو آهي جڏهن پارٽي رياستي عتاب جو شڪار آهي ۽ سنڌ جو هر باشعور ۽ باضمير انسان سينگار نوناري جي جبري گمشدگي تي پڄريو ۽ سنڌ جي هزارين پُٽن ۽ ڌيئرن کنڀي گم ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج ڪيا ۽ سڄي سنڌ طرفان محبتن سان ڀريل موٽ ملي آهي. خالق صاحب کي بلڪل اُن وقت پارٽيءَ کي سنڌ جي اول نمبر دشمن پارٽي طور پيش ڪرڻ پٺيان ڪھڙا ڪارڻ ٿي سگهن ٿا، اُهو هُو پاڻ بھتر ڄاڻي ٿو پر جنھن وقت عوامي سياسي ۽ پرامن ڌر تي حملا ڪيا وڃن ۽ ٻئي پاسي بھتانن تي ٻڌل محاذ ٺاهجي ته اُن تي افسوس ۽ حيرت ڪجي يا نه؟
اسان جي ايم سيد کي سنڌ جو يگانو عالم، ترقي پسند تاريخ نويس ۽ سنڌ جو مست الست عاشق سمجهون ٿا ۽ اسان اُن کي ٽربيوٽ ڏيندي کوڙ مضمون پڻ لکيا آهن. جيڪڏهن ڪو دوست توهان جي نقطه نظر کان ٿورو مختلف ڪو ليک لکي ته (توهان موجب) اُها ٿي “دانشوراڻي بي ايماني”. توهان کي مضمون تي اعتراض آهن اُهي توهان رکيا ۽ توهان کي پورو پورو حق آهي پر اِهو ڪٿان طئي ٿيو ته ان سڄي معاملي پٺيان ڪا سازش ۽ بي ايماني آهي؟ جي ايم سيد تي کوڙ تنقيدون سندس ئي زندگيءَ ۾ ٿيون ڇا هُن ڪڏهن موٽ ۾ لکت ۾ ڪنھن کي “بي ايمان” سڏيو؟ منھنجي ڄاڻ ۾ ته ناهي جيڪڏهن هجي ته ياد ڏياريندا مھرباني ٿيندي. لينن لکيو ته وڏن ماڻهن کي سندن زندگيءَ ۾ رنڊڪون وجهي هلڻ نه ڏبو آهي ۽ وري سندن مرڻ کانپوءِ مٿن پِڙ وجهي (کين پير، ولي ۽ بزرگ بڻائي) به هلڻ نه ڏبو آهي. توهان جيڪو ڪجهه به ڪريو اُهو ٿيو “نيڪ نيتيءَ” سان ڪيل قومي نقصان پر ٻيا جيڪڏهن (توهان موجب) ڪا غلطي ڪري وجهن ته اُهي ٿيا “بي ايمان” ۽ “نسلي، مذهبي ۽ انگريزن جا پگهاردار”! اِهو آهي اوهان جو دليل ۽ منطق!
هاڻي منھنجو سوال خالق جوڻيجي صاحب کان اِهو آهي ته گذريل 7 سالن کان توهان “انڊيجينس رائيٽس الائنس” جو حصو آهيو جنھن ۾ عوامي ورڪرز پارٽيءَ جو سربراهه يوسف مستي خان به شامل رهيو آهي.
توهان گذريل ڪيترن سالن کان “سنڌ پروگريسو ڪميٽي” جو حصو رهيا آهيو جنھن ۾ عوامي ورڪرز پارٽي به شامل آهي. ته پوءِ سوال ٿو پيدا ٿئي ته توهان “انگريزن جي پگهاردارن جي پوئلڳن”، “جماعت اسلامي جي اتحادي”، “شريعت نفاذ ڪندڙن”، “مذهبي بنياد پرستن جي اتحادي” ۽ “نسلي تنظيمن جي حمايتي” جماعت سان هيترن سالن کان گڏ ڪيئن ويٺا رهيا آهيو؟ يا اوچتو اِهو مضمون شايع ٿيڻ کانپوءِ توهان کي اسانجي اِنھن “ڪُڌن ڪمن” جي خبر پئي آهي؟ يا توهان به “ايڏا سادا” آهيو جو هيڏيون ساريون گڏجاڻيون، ملاقاتون ۽ ڪچھريون ۽ سوين احتجاجن ۾ گڏ هلڻ باوجود توهان کي ڪا سُڌ ئي نه پئي ته “نسلي، مذهبي ۽ انگريزن جي پگهاردارن” سان گڏ پيا هلو!؟
حيرت جھڙي ڳالھه اها به آهي ته “مذهبي، نسلي ۽ شريعتي” جماعت مان خالق جوڻيجو صاحب “چڱائي” جي اميد به رکي ٿو؛ “عوامي ورڪرز پارٽيءَ جي سنڌ جي قيادت مان رڳو مون کي نه پر ڪُجهه ٻين ماڻھن کي به وقت جي سڏ جي مثبت موٽ جون اُميدون ھيون يا آھن.” خالق صاحب عوامي ورڪرز پارٽيءَ کي “مذهبي، نسلي ۽ شريعتي” سڏي ٿو وري عجيب ڳالھه اِها به آهي ته آخر ۾ پاڻ مڃي ٿو ته “عوامي ورڪرز پارٽي” ڪميونسٽ آهي ۽ اهڙي “نسلي ۽ مذهبي” ڪميونسٽ جماعت سندس فطري اتحادي به آهي؛ “مان سمجهندو آھيان ته پاڪستان جھڙي گهڻ تضادي (قومي، طبقاتي، جمھوري، مذھبي وغيره) ملڪ ۾ قوم پرست ۽ ڪميونسٽ ھڪ ٻئي جا فطري اتحادي آھن.” جنھن ڌر کان توهان چڱي ريت واقف هجو، اُن کي ڪميونسٽ به سمجهو ۽ فطري اتحادي هجڻ جي توقع به رکندا هجو ۽ وري اُنھيءَ جماعت کي “نسلي، مذهبي، انگريزن جي پگهاردارن جي پيروڪار” به سڏيو! منھنجو توهان کان سوال آهي ته ڇا اتحاد ايئن هلندا آهن؟ يا ائين ڦٽائبا آهن؟
اسانجي دعوا آهي ته پاڪستان جھڙي گهڻ تضادي (قومي، نسلي، مذهبي، جمھوري وغيره) ملڪ اندر عوامي ورڪرز پارٽي کاٻي ڌر جي واحد جماعت آهي جيڪا گلگت کان ڪراچيءَ تائين مختلف قومن ۾ نمائندگي رکي ٿي ۽ اُنجو تنظيمي ڍانچو وفاقيت جي اصول تي ٻڌل آهي ۽ سرمائيداري، جاگيرداري، پدرشاهي، نسل پرستي، مذهبي انتھاپسندي ۽ مرڪزيت پسندي مخالف ۽ سماجي برابري، آزادي، سماجي ملڪيتي سرشتي سميت سيڪيولر، قومي حق خوداراديت ۽ جمھوري قدرن جي پوئواري ڪري ٿي. جيتريقدر سنڌ جو تعلق آهي ته عوامي ورڪرز پارٽي سامونڊي ٻيٽ، بحريا ٽائون، پاڻي تي ڌاڙن ۽ ٻاهرين آبادڪاري جھڙن سنڌ دشمن مسئلن خلاف نه رُڳو ڳالھائيندي رهي آهي پر جدوجھد جي ميدان ۾ به رهي آهي. نه رُڳو ايترو پر مسنگ پرسنز جي جبري گمشدگين خلاف، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ ۽ عورت سوال تي نظرياتي ۽ عملي جدوجھد ڪرڻ سميت مختلف قومي، صنفي، ماحولياتي سوالن کي طبقاتي جدوجھد سان ڳنڍيندي ويڙهه ڪندي رهي آهي. آخري گذارش ته قومپرستن وٽ پاڻ وڻائڻ جي نتيجي ۾ ايترو اڳتي به نه نڪري وڃو جو توهان جي بين الاقواميت پسندي ۽ مارڪسزم کي پنھنجو ڪرڻ واري دعويٰ سواليا بڻجي پئي.